14

آبادگارن جي مالي سهائتا لاءِ سنڌ جي بصرن جي ايڪسپورٽ تان پابندي ختم ڪئي وڃي: اسماعيل راهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مرڪز کي درخواست ڪئي آهي ته آبادگارن جي مالي سهائتا لاءِ سنڌ جي بصرن جي ايڪسپورٽ تان پابندي ختم ڪئي وڃي سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته سڀ کان وڌيڪ بصرن جي پيداوار سنڌ ۾ آهي، وفاق ايڪسپورٽ تان پابندي هٽائي ۽ اها پابندي امپورٽ تي لڳائي وڃي. زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته وفاق بصرن جي امپورٽ تي عارضي پابندي لڳائي، سنڌ ۾ 56 ھزار هيڪٽرز تي بصر پوکيا ويا آهن، سنڌ ۾ هن سال 7 لک 60 هزار ٽن بصرن جي پيداوار جو امڪان آهي. هن چيو ته سنڌ جي کپت 5 لک 63 هزار ٽن آهي ۽ هڪ لک 97 هزار ٽن بصر کپت کان وڌيڪ پيداوار ٿيندي، پوري ملڪ ۾  ھڪ لک 51 ھزار 636 ھيڪٽرز تي بصرن جو فصل لڳل آھي، ھلندڙ سيزن ۾ ملڪ ۾ 21 لک 12894 ٽن پيداوار متوقع آھي، اسماعيل راهو چيو ته بصرن جي امپورٽ سان سنڌ جي آبادگارن کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، پٽاٽو ايڪسپورٽ ٿئي پيو ته پوءِ بصرن تان به پابندي ختم ٿيڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو