23

آبادگارن ڪمند جو اگهه 250 روپيا ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي، پاسما 222 رپين لاءِ تيار، فيصلو نه ٿيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آبادگارن ڪمند جو في مڻ اگهه 250 مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملز آڪٽوبر جي آخر ۾ هلائڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پاسما 222 رپيا في مڻ رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن ڪري اگهه بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.ان سلسلي ۾ زراعت کاتي واري صلاحڪار منظور وساڻ جي صدارت ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ، وقت تي شگر ملون هلائڻ بابت شگرڪين بورڊ جو اجلاس ٿيو . اجلاس ۾ بورڊ  جي ميمبر ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري زراعت عبدالرحيم سومرو، زرعي توسيع کاتي جو ڊي جي هدايت الله ڇڄڙو، سنڌ آبادگار بورڊ جو سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد عمر ٻگهيو، سنڌ چيمبرآف ايگرڪلچر  جا عهديدار ۽ پاسما جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڪمند جي قيمت مقرر ڪرڻ ۽ وقت تي شگر مليون هلائڻ ۽ آبادگارن جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت جي هدايت تي سنڌ ۾ آبادگارن جا مسئلا ڪرڻ ترجيحن ۾ شامل آهن. منظور وساڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ھلندڙ مھيني ان لاءِ جلدي اجلاس گهرايو آهي ته جيئن ڪمند جو مسئلو حل ڪري سگهجي، ڪمند جي آبادگارن 250 روپيا في مڻ قيمت مقرر ڪرڻ ۽  شگر ملز آڪٽوبر ۾ هلائڻ جي تجويز ڏني آهي، پاسما ڪمند جو اگهه 222 روپيا مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني  آهي. منظور وساڻ چيو ته سنڌ جي آبادگارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. پيپلز پارٽي جو منشور آهي ته سنڌ جي آبادگارن کي مضبوط ڪيو وڃي، ارسا پاران سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ سبب ڪمند سميت ڪيترن ئي فصلن کي ڪافي نقصان پهتو آهي. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته هن مسئلي کي جلد حل ڪيو وڃي ۽ شگر ملز مالڪ شگر مليون وقت تي هلائين. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جو اسٽاڪ موجود آهي پر وفاقي حڪومت ڄاڻي واڻي ٻاهران گهرائي پئي، سنڌ حڪومت بصرن، سارين، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻين فصلن جون نيون جنسون متعارف ڪرايون آهن، آفيسر آبادگارن سان رابطي ۾ رهن ۽ انهن کي فصلن بابت آگاهي ڏين، پي ٽي آئي حڪومت جي دور ۾ سنڌ جي آبادگارن سان ناانصافيون ٿين پيون،سنڌ جي آبادگارن جا مسئلا وفاقي حڪومت تائين پهچائينداسين. منظور وساڻ آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته نقلي ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن جي رجسٽريشن ڪينسل ڪئي وڃي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سيڊ ۽ ريسرچ کي وڌيڪ بهترڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو