191

آرمي چيف سان جرمن سفير جي ملاقات، ٻه طرفي سهڪار ۽ افغان امن عمل تي خيالن جي ڏي وٺ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان جرمن سفير ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، ٻه طرفي سهڪار، خطي جي صورتحال ۽ افغان امن عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته پاڪستان جرمني سان گڏ پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، آرمي چيف پاڪ جرمن اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور جي ساراهه به ڪئي. ان موقعي تي جرمن سفير خطي ۾ پاڪستان جي امن جي ڪوششن کي به مڃيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو