18

آرمي چيف مڇ سانحي جي شهيدن جي وارثن وٽ پهچي ويو،پورهيتن جو رت ضايع نه ٿيندو، ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين:جنرل قمر جاويد باجوه

ڪوئيٽا(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته مڇ سانحي جي شهيدن جو رت ضايع نه ويندو، ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، بلوچستان جو مستقبل روشن آهي، ملڪ دشمن عنصر بلوچستان تي نظرون کپائي ويٺا آهن، رپورٽ موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مڇ سانحي شهيدن جي وارثن سان  ملاقات لاءِ ڪوئيٽا پهتو، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سندس استقبال ڪيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي پاڪ-افغان ۽ پاڪ-ايران بارڊر مئنيجمينٽ سميت صوبي ۾ پيش ايندڙ سڪيورٽي چئلينجز  کان تفصيلي طور آگاهي ڏني وئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مڇ سانحي جي وارثن سان سدرن ڪمانڊ هيڊ ڪواٽر ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي، شهيد ٿيلن جي نياڻين سان مليو ۽ کين انصاف جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته مڇ سانحي جي شهيدن جو رت ضايع نه ويندو، ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، دردناڪ سانحي جي جوابدارن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ انصاف جون سڀ گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ملڪ دشمنن عنصرن جي اسٽريٽجڪ صلاحيت واري بلوچستان تي نظر آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وڌيڪ چيو ته بلوچستان جو مستقبل روشن آهي، صوبي جي ترقي سان ملڪ ترقي ڪندو، ملڪ دشمن قوتون ڏڦيڙ پکيڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿينديون، سيڪيورٽي استحڪام ۽ ترقي کي يقيني بڻائينداسين

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو