28

آرمي چيف پاران ڪور هيڊڪوارٽرز ڪراچي جو دورو، آپريشنل تيارين، تربيت ۽ انتظامي معاملن تي بريفنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف پاران ڪور هيڊڪوارٽرز ڪراچي جو دورو، آپريشنل تيارين، تربيت ۽ انتظامي معاملن تي بريفنگ، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجواه کي صوبي جي موجوده اندروني سيڪيورٽي صورتحال بابت پڻ آگاهي ڪيو ويو، جڏهن ته آرمي چيف کي امن امان برقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون جي ڪوششن تي به بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سپهه سالار خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هائبرڊ خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ قومي سوچ سان ملي جواب ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو،  آرمي چيف سول انتظاميا کي مدد ڏيڻ تي ڪور ڪراچي جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته جنرل قمر جاويد باجواه ڪي ٽي پي جي اهم منصوبن تي بروقت ۽ موثر ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ تعريف ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تي عملدارآمد لاءِ پاڪ فوج جي تعاون تي به بريفنگ ڏني وئي، ٻئي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجواه زندگي ٽرسٽ جي عورت پاڪستان گورنمينٽ گرلز اسڪول ڪراچي جو به دورو ڪيو، آرمي چيف بهترين سهولتن ۽ اعليٰ تعليمي معيار تي اسڪول انتظاميا کي ساراهيو، هوڏانهن آرمي چيف پاڪ فوج، سنڌ رينجرز، پوليس، اي اين ايف ۽ ڳجهن ادارن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي خاندانن سان به ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف شهيدن جي خاندانن وٽ ڪجهه دير رهيو ۽ انهن کان حال احوال ورتو، جڏهن ته شهيدن جي خاندانن جي بهبود جي لاءِ تمام ضروي قدمن جي پڻ هدايت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو