ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل چيو آهي ته آئين ۾ ترميم صدارتي آرڊيننس ذريعي ممڪن ناهي، جڏهن ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلين جي اجلاسن دوران آرڊيننس جاري ڪرڻ تي صدر مملڪت خلاف آئين جي ڀڃڪڙي وارو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اختر مينگل جو چوڻ هو ته حڪومت رڳو آرڊيننس ۽ آرڊيننس فيڪٽرين وارن جي سهاري تي هلي رهي آهي، آئين ۾ ترميم صدارتي آرڊيننس ذريعي نٿي ڪري سگهجي، حڪومت سينيٽ چونڊون ڳجهي راءِ بدران اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ اهو آئيني ترميم سان ممڪن آهي، هن مسئلي تي حڪومت سپريم ڪورٽ کان به راءِ طلب ڪئي هئي، جنهن کي سپريم ڪورٽ رد ڪيو هو. هن چيو ته صدر مملڪت خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، مخالف ڌر کي سنجيدگيءَ سان صدر جي مواخذي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي.
