25

آزاد ڪشمير چونڊون: پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير چونڊن ۾ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ(ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ڪانفرنس ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي، آزاد جمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ سيٽن جو ٽوٽل انگ 53 آهي، عورتن لاءِ 5 ۽ علماءِ مشائخ جي هڪ مخصوص سيٽ آهي. پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ تي پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ موجود ماڻهو ووٽن جي ڳڻپ ڪري رهيا آهن، پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تان نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو