لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ٽُٽي وئي آهي، بئنچ ۾ شامل جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان ٻڌڻي جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ بئنچ ٽٽي وئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙيندو، چيف جسٽس امير ڀٽي رمارڪس ڏيندي چيو ته سموريون درخواستون غير اثرائتيون آهن، پوءِ به نئون بئنچ ٺاهيو ويندو.
