اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته عمران خان، سندس اسپيڪر ۽ وزير ڪيستائين ڪرسي تي ويٺل رهندا، اهو فيصلو پي ڊي ايم ڪندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪمت عملي جو مقابلو ڪٺ پتلي نٿو ڪري سگهي، مخالف ڌر هڪ سيٽ کٽي ڏيکاريو آهي ته وزيراعظم اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، وزيراعظم بوکلاهٽ ۽ مايوسي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ سندس پارليامينٽ مان اعتماد وارو ووٽ وٺڻ جي ڪا حيثيت ناهي. هن چيو ته عمران خان، سندس اسپيڪر ۽ وزير ڪيستائين ڪرسي تي ويٺل رهندا، اهو فيصلو پي ڊي ايم ڪندي.
