50

آصف علي زرداري جيڪو چيو اهو ڪري ڏيکاريو، عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: پيپلز پارٽي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان سينيٽ جي سيٽ تي يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي تي پيپلز پارٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اها ڪاميابي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي فتح آهي ۽ آصف علي زرداري جيڪو چيو اهو ڪري ڏيکاريو. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ پ پ پنجاب جي اڳواڻن قمر زمان ڪائره، چوڌري منظور احمد ۽ حسن مرتضيٰ جو چوڻ هو ته ثابت ٿي ويو ته ڪٺ پتلي حڪمران رڳو ٽيڪ تي بيٺل آهن، هن تاريخي شڪست تي عمران خان کي ترت استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي حق ۽ سچ جي فتح آهي، سينيٽ چونڊن ۾ جمهوريت کٽي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو