29

آفيسر ٺوس شاهدين سان گڏ احتساب عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي ڪن: نيب چيئرمين

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيب ۾ قانوني صلاحڪار ۽ خاص پراسيڪيوٽر شامل ڪري پراسيڪيوشن ڊويزن  جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته پراسيڪيوشن ڊويزن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قانوني صلاحڪار ۽ خاص پراسيڪيوٽر شامل ڪري پراسيڪيوشن ڊويزن جي نئين سر جوڙجڪ  جي هدايت ڪئي آهي. نيب چيئرمين چيو ته ”احتساب سڀني لاءِ” واري پاليسي تحت بدعنواني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. ان موقعي تي نيب چيئرمين جسٽس اقبال هدايتون جاري ڪيون ته نيب آفيسر ٺوس شاهدين جي تياري ڪري احتساب عدالتن ۾ ڪيس جي پيروي ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو