41

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ خواجا آصف جي رمانڊ ۾ 10 ڏينهن واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت غير قانوني طور تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خواجه آصف جي جسماني ريمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي 22 جنوريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ تي جوابدار کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پهرين عدالت نيب طرفان 15 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. نيب لاهور جي عملدارن خواجه آصف کي ڪڙي سيڪيورٽي پهري ۾ احتساب عدالت آندو، جڏهن ته خواجه آصف طرفان فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ وڪالت نامو جمع ڪرايو. ٻُڌڻيءَ دوران فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي مؤقف رکيو ته سندس اصيل کي نيب مارچ 2019ع کان راولپنڊي ۾ گُهرائڻ شروع ڪيو ۽ 5 ڀيرا طلب ڪيو، جڏهن ته لاهور نيب پڻ 5 نوٽيس اُماڻيا، ان جو به جواب ڏنو ويو، 13 ڏينهن ۾ رڳو 4 ڀيرا اهي انويسٽيگيشن ڪرڻ لاءِ آيا، هاڻي جيڪو رڪارڊ منهنجي اصيل وٽ ناهي اهو هو ڪٿان ڏئي. جنهن ڪمپنيءَ جو نيب ذڪر ڪري رهيو آهي، 2015ع کان خواجه آصف ان ڪمپني جو حصيدار ناهي. خواجه آصف طرفان ٻُڌايو ويو ته جيڪڏهن آءٌ پبلڪ آفيس هولڊر آهيان ته ڪهڙي قانون تحت مون کي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ناهي. وڪيل مؤقف اختيار ڪيو ته نيب اهو ناهي ٻُڌايو ته سندس اصيل ڪٿي اختيار اورانگهيا آهن ۽ ڪٿي سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو، نيب جي بدنيتي هر هنڌ واضح آهي. هن چيو ته وٽن اهڙو ڪو بئنڪ اڪائونٽ آهي ته کڻي اچن جڏهن سمورو رڪارڊ ڏئي چڪا آهيون ته هاڻي ڇا ٿا چاهين، انهن سڀني کي دستاويز ڏئي چڪا آهيون، ٻن سالن کان اڃا تائين هي انڪوائري ڪري رهيا آهن، تنهنڪري عدالت کي استدعا آهي ته خواجه آصف کي جوڊيشل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري. نيب پراسيڪيوٽر مؤقف رکيو ته پرڏيهه ۾ ڪمپني جو مالڪ چوي ٿو ته خواجه آصف منهنجو دوست آهي، کيس چيو ويو ته دبئي ۾ 4 بئنڪ اڪائونٽ آهن، انهن جا تفصيل فراهم ڪري، خواجه آصف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مون کي روڪ پئسا ملندا هئا. نيب پراسيڪيوٽر مؤقف اختيار ڪيو ته خواجه آصف 80 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ٺاهيا آهن جيڪي سندس آمدني سان مطابقت نٿا رکن. هن نشاندهي ڪئي ته خواجه آصف موقعا فراهم ڪرڻ باوجود پنهنجي اثاثن بابت نيب کي مطمئن ناهي ڪري سگهيو. نيب لاهور جي جاچ آفيسر گرفتار خواجه آصف جي جسماني ريمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪندي عدالت کي آگاهه ڪيو ته خواجه آصف 1991ع ۾ سينيٽر بڻيو، هن وقت سندس مجموعي اثاثا 51 لک رپين جا هئا، جڏهن ته 2018ع تائين خواجه آصف جا اثاثا 221 ملين تائين پهچي ويا جيڪي جوابدار جي ظاهري آمدني سان مطابقت نٿا رکن. جاچ ۾ وڌيڪ انڪشاف ٿيو آهي ته هن گڏيل امارتن جي ڪمپني جي ملازمت مان 13 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر جوابدار ڪمپنيءَ مان بطور پگهار وصول ڪرڻ جو ڪو ثبوت فراهم ناهي ڪيو. خواجه آصف طارق مير اينڊ ڪمپني جي نالي سان بي نامي ڪمپني بڻائي رکي آهي. جاچ آفيسر موجب خواجه آصف جي ملازم طارق مير جي نالي تي ٺاهيل ڪمپنيءَ ۾ 40 ڪروڙ رپين جي رقم پڻ جمع ڪرائي وئي آهي. جوابدار بي نامي ڪمپني ۾ جمع ڪرايل رقم جا دستاويز ذريعا به ناهن ٻُڌايا، جڏهن ته جوابدار خواجه آصف اثاثن جي نوعيت، ذريعن ۽ منتقليءَ کي جاچ دوران ظاهر ناهي ڪيو. چيئرمين نيب جي باقاعده منظوريءَ کانپوءِ جوابدار جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. بعد ۾ عدالت خواجه آصف جي جسماني ريمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس جاچ لاءِ ٻيهر نيب جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو. عدالت جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ تي جوابدار کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي استدعا ڪئي ته عدالت حڪم ڏئي ته خواجه آصف جي وڪيلن سان ملاقات ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن ڌار جاءِ تي ملاقات ٿئي ته بهتر ٿيندو. جج چيو ته آءٌ پهرين ئي آرڊر ڪري چڪو آهيان. عدالت جي ڪمري ۾ ئي ملاقات ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو