پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس روح الامين ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل 2 رڪني بينچ جرمني ويندڙ جي نوڪري ختم ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،منتظر عباس پي ايڇ ڊي لاءِ جرمني ويو هو، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪرونا جي ڪري وقت تي پي ايڇ ڊي مڪمل نه ڪري سگهيو هو، يونيورسٽي سندس نوڪري ختم ڪري ڇڏي آهي، هو پشاور يونيورسٽي ريسرچ ايسوسي ايٽ طور ملازم هو. جنهن تي جسٽس روح الامين رمارڪس ڏيندي چيو ته آمريڪا، قطر ۽ جرمني مان ايندڙ خط ڪوڙا هوندا آهن، گهڻا ماڻهو هوا ۾ خط لوڏيندا آهن، عدالت وڪيل جي دليل کانپوءِ پشاور يونيورسٽي کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي.
88