نيويارڪ ويب ڊيسڪ) آمريڪا اسامه بن لادن جي اڳوڻي ترجمان کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، القائده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي ترجمان عادل عبدالباري آمريڪا کان آزادي کان پوءِ برطانيه پهچي ويو آهي، عرب ميڊيا جي رپورٽ مطابق عادل عبدالباري کي نيويارڪ جي عدالت ٿولهه ۽ ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا هجڻ ڪري ڪورونا جي وبا ظاهر ٿيڻ جي خوف سبب آزاد ڪيو آهي. عادل عبدالباري کي 1999ع ۾ ڪينيا ۽ تنزانيه ۾ آمريڪي سفارتخانن تي حملن جي سازش ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، آمريڪي سفارتخاني تي حملا 1998ع ۾ ٿيا هئا، جن ۾ 224 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ 5 هزارن کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
