واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اتر اوڀر آمريڪا ۾ برفاني طوفان سبب مختلف حادثن ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا. آمريڪي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق برفاني طوفان سبب نيويارڪ ۾ 2، پينسلوانيا 2 ۽ آرڪينساس ۾ هڪ شخص فوت جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. رپورٽ مطابق طوفان سبب 70 هزار کان وڌيڪ صارفين بجلي کان محروم ٿي ويا ۽ ٻن ڏينهن ۾ 770 کان وڌيڪ فلائٽس رد ڪيون ويون آهن. بوسٽن جي ميئر مارٽي والش ميڊيا کي ٻڌايو ته 19 مهينن ۾ اهو پهرين وڏو برفاني طوفان آهي جنهن سان ڪيترين ئي عمارتن ۽ شاهراهن کي نقصان پهتو آهي.
