209

آمريڪا-ڀارت معاهدو ۽ علائقي لاءِ پيدا ٿيندڙ نوان خطرا..

ليکڪ: مرزا اشتياق بيگ: اهڙي حالت ۾ جڏهن دنيا جون نظرون آمريڪي صدارتي چونڊن تي کتل هيون ۽ پاڪستاني ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جا جلسا ۽ جلوس هئا، خطي ۾ هڪ اهڙي اڳڀرائي نظرن کان لڪل رهي جنهن جو تعلق پاڪستان جي سلامتي سان هو، اها اڳڀرائي آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ دفاعي ٺاهه جي صورت ۾ آمريڪي صدارتي چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ پراسرار طريقي سان ٿي، جنهن تي صحيحن لاءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ بچاءَ وارو وزير مائيڪ ايسپر اوچتو ڀارت ويا ۽ ”بيسڪ ايڪسچينج اينڊ ڪوآپريشن ايگريمينٽ“ (بي اي سي اي) تي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي ۽ بچاءَ وارن وزيرن صحيحون ڪيون. ٺاهه تحت آمريڪا ڀارت کي جيو اسپيشل انٽيليجنس يعني سيٽلائيٽ جي ذريعي حاصل ٿيندڙ ڳجهي جاگرافيائي معلومات ڏيندو، اهڙي طرح ان حساس سيٽلائيٽ ڄاڻ کانپوءِ ڀارت وٽ پاڪستان جي سمورن حساس هنڌن جي ڄاڻ اچي ويندي، ڀارت کي فراهم ٿيندڙ آمريڪي سيٽلائيٽ ڊيٽا جي ڄاڻ سان ڀارت کي جديد ميزائل ۽ هٿياربند ڊرون کي درست هنڌن کي نشانو بڻائڻ ۾ مدد ملندي، جنهن جي ذريعي ڀارت پاڪستان جي ميزائل ٺڪاڻن کي به آساني سان نشانو بڻائي سگهي ٿو، اها ڳالهه قابلِ ذڪر آهي ته آمريڪي صدارتي چونڊن کان ڪجهه اڳ ٿيل اهو ٺاهه صدر ٽرمپ جي هدايت تي ڪيو ويو، جيڪو ٽرمپ انتظاميا جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن ذريعي آمريڪا چين جي وڌندڙ اثر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڀارت سان ٺاهه ڪرڻ چاهيو ٿي، ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ته آمريڪا ڀارت کي خطي جو چوڌري ڏسڻ چاهي ٿو، آمريڪا جي خواهش آهي ته ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ جنگي صورتحال پيدا ڪئي وڃي ته جيئن چين کي جنگ ۾ وچڙائي ڪمزور ڪري سگهجي، اهو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي پر ڀارت ان کان اڳ به آمريڪا سان هڪ اهڙو ٺاهه ڪري چڪو آهي، جنهن تحت ٻئي ملڪ هڪٻئي جي دفاعي اڏن کي استعمال ڪري سگهندا. آمريڪا ڀارت حساس نوعيت جي دفاعي ٺاهه تي چين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيو آهي پر ان معاملي تي پاڪستاني حڪومت جي خاموشي معنيٰ خيز آهي ۽ حڪومت ان معاهدي تي آمريڪا سان احتجاج ڪرڻ به گوارا نه ڪيو آهي، ان جي ابتڙ حڪومتي وزير آمريڪي سفارتخاني کان ان ٽوئيٽ تي معافي جي تقاضا ڪندا رهيا جيڪو مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال آمريڪي واشنگٽن پوسٽ جي خبر تي ڪيو هو، جنهن کي آمريڪي سفارتخاني ري ٽوئيٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ڳالهه طرف اشارو هو ته آمريڪي سفارتخانو احسن اقبال جي ان ٽوئيٽ کان متفق هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ”پاڪستان ۾ به هڪ شخص کي ڊونلڊ ٽرمپ وانگر وڃڻو پوندو“.آمريڪي سفارتخاني جي ري ٽوئيٽ تي حڪومتي وزير ڪاوڙجي اٿي پيا ۽ سفارتخاني کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي معافي جو مطالبو ڪيو پر ڪنهن به حڪومتي وزير کي آمريڪا-ڀارت تازي ٺاهه تي احتجاج ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، ايستائين جو عمران خان (جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ سان آخري وقت تائين پنهنجي ذاتي لاڳاپن جي دعويٰ ڪندو رهيو)به ايڏي وڏي اڳڀرائي کانپوءِ ٽرمپ کي فون ڪري اهو ٻڌائڻ گوارا نه ڪيو ته آمريڪا جي ان قدم سان پاڪستان جي سلامتي لاءِ ڪهڙا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا؟ اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل نه آهي ته ٽرمپ حڪومت جو جهڪاءُ سدائين ڀارت طرف رهيو ۽ ٽرمپ جي آخري وقت تائين اها ڪوشش رهي ته خطي ۾ ڀارت جي بالادستي قائم ٿئي. چين کي به آمريڪا-ڀارت ٺاهه تي سخت خدشا آهن جيڪو هڪ اهڙي وقت ڪيو ويو، جڏهن چين ۽ ڀارت جا لاڳاپا انتهائي ڇڪتاڻ وارا آهن ۽ هماليا واري هنڌ تي هلندڙ سال جون کان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، ان ۾ به ڪي ٻه رايا نه آهن ته هي ٺاهه پاڪستان ۽ چين لاءِ نقصان ۽ ڀارت لاءِ فائدي وارو ثابت ٿيندو. ٺاهه تحت ڀارت کي آمريڪي فوجي هارڊ ويئر ٽيڪنالاجيز ۽ ڄاڻ فراهمي، علائقي جي مضبوطي ۽ خاص ڪري پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان جهڙي طرح دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ نائين اليون کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا کي دهشتگردن کان محفوظ رکڻ لاءِ مسلسل قربانيون ڏينديون رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي ڳرو جاني ۽ مالي نقصان به کڻڻو پيو، آمريڪي فوج جي افغانستان مان نيڪالي به پاڪستان جي مدد کانسواءِ ممڪن نه آهي، جنهن ۾ پاڪستان طالبان تي پنهنجو اثر استعمال ڪري انهن کي ڳالهين جي ميز تي آندو، پر آمريڪا-طالبان معاهدو جنهن ۾ پاڪستان به ڌر آهي جي مس اڃا سڪي به نه هئي ته آمريڪا هڪ حساس نوعيت جو ٺاهه ڀارت سان ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهو پاڪستان جو خيرخواهه نه آهي، صدر ٽرمپ نئين پاڪستان وانگر نئين آمريڪا ٺاهڻ جو نعرو هنيو هو، جنهن کي آمريڪي عوام رد ڪري ڇڏيو، ٽرمپ جي ڳڻپ آمريڪا جي انهن صدرن ۾ ٿيندي، جن آمريڪا جي پرڏيهي پاليسين ۾ بيشمار يوٽرن ورتا، جنهن سان دنيا ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿي، وقت اچي ويو آهي ته نئون چونڊيل صدر جوبائيڊن جنهن چونڊ منشور ۾ ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسين ۾ تبديلي جو اشارو ڏنو هو، اهو ٽرمپ پاليسي ۾ تبديلي آڻي ۽ پاڪستان مخالف آمريڪا-ڀارت جي تازي ٺاهه تي نظرثاني ڪري جيئن خطي اندر طاقت جو توازن بگڙڻ کان بچي وڃي، پاڪستان آمريڪا کان اها توقع ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي ته هو پاڪستان جي دشمن جا هٿ مضبوط نه ڪري ۽ ڀارت سان اهڙا ٺاهه نه ڪري جيڪي خطي ۽ خاص ڪري پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطري وارا ثابت ٿين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو