نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست نيويارڪ ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. نيويارڪ اسٽيٽ ڊويزن آف ملٽري اينڊ نيول افيئرز مطابق هيليڪاپٽر نيويارڪ جي ڏکڻ واري علائقي مينڊن ۾ ڪري تباهه ٿيو، ان حادثي ۾ 3 فوجي فوت ٿي ويا آهن. عملدارن مطابق فوجي هيليڪاپٽر تربيتي مشن تي هو ۽ ان جي تباهه ٿيڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
