203

آمريڪي سينيٽ 1.9 ٽريلين ڊالر جو ڪورونا وائرس امدادي منصوبو منظور ڪري ورتو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ پاران 1.9 ٽريلين ڊالر جو ڪورونا وائرس امدادي منصوبو منظور ڪيو ويو آهي،ميڊيا رپورٽن مطابق آمريڪي سينيٽ ۾ ووٽنگ لاءِ ڊيموڪريٽس کي هفتيوار بيروزگاري الائونس کي 300 ڊالر تائين آئڻو پوندو،جڏهن ته بل ۾ هڪ سال لاءِ چلڊرن ٽيڪس ڪريڊٽ ۾ توسيع شامل آهي جڏهن ته بل کي ٻيهر نمائندن واري ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته ماڻهن کي امدادي رقم جي ادائگي هلندڙ مهيني شروع ڪيو ويندي.واضع رهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن صدر چونڊجڻ کانپوءِ فوري طور تي ڪورونا وائرس کان بچاءَ ۽ معيشت جي بحالي لاءِ 1.9 ٽريلين ڊالر جي ڪورونا وائرس پيڪج جو اعلان ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو