راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي ڳجهي ايجنسي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي(سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنس ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿيل ملاقات جي موقعي تي پاڪستان جي انٽر سروسز انٽيليجنس(آءِ ايس آءِ) جو ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به موجود هو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پرعزم آهي جڏهن ته سي آءِ اي جي چيف پاران پاڪستان جي افغانستان ۾ ڪردار ۽ پرڏيهين جي واپسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ وارن قدمن جي به تعريف ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب وليم جوزف برنس خطي ۾ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي. واضح رهي ته سي آءِ اي جو چيف ان کان اڳ هلندڙ ڏينهن دوران افغانستان ۽ ڀارت جو دورو به ڪري چڪو آهي.
