واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران يورپ اتحاد ۾ واپسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي خلاف مقابلي ۾ وڌيڪ دير کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. جوبائيڊن جو چوڻ هو ته آمريڪي حڪومت ايران جي ايٽمي پروگرام تي سلامتي ڪونسل سان گڏ ڳالهين لاءِ تيار آهي.
