30

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڏو پٽ به ڪورونا وائرس جو شڪار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڏو پٽ به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 42 ورهين جو ڊونلڊ جون ٽرمپ جونيئر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن جي تصديق سندس ترجمان ڪئي آهي. ڊونلڊ جون ٽرمپ جونيئر جي ترجمان مطابق کيس هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ ڪورونا ٿي، جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي گهر اندر آئسوليٽ ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو