واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن جي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي جي منظوري لاءِ سڏايل آمريڪي پارليامينٽ جي اجلاس دوران ڪيپيٽل هل بلڊنگ تي حملو ڪندڙ 150 ماڻهن تي الزام لاڳو ڪيا ويا آهن. جوابدارن تي پوليس تي حملي ۽ پارلياماني ڪارروائي ۾ رنڊڪون وجهڻ سميت ٻيا سنگين الزام لاڳو ڪيا ويا آهن، جن الزامن تحت جوابدارن کي 20 سال سزا ٻڌائي سگهجي ٿي. انصاف جي کاتي مطابق پارليامينٽ تي حملي جي الزام ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف جاچ هلندڙ آهي.
