ليکڪ: علي محمد ميمڻ
ميانمار ۾تازو فوج جي بغاوت خلاف احتجاج ڪندڙن تي پوليس طرفان ڪيل ڪريڪ ڊائون ۽ سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 جمهوريت پسند ڪارڪن مارجي ويا آهن، ڪيترا ئي زخمي ۽ سوين گرفتار ڪيا ويا آهن. ميانمار ۾ پهرين فيبروري2021ع تي جنرلن طرفان آنگ سان سوچي واري جماعت جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد اتي وري آمراڻو راڄ قائم ڪيو ويو آهي. فوج جي اقتدار تي قبضي کانپوءِ آنگ سان سوچي ۽ ملڪ جي ٻي سياسي قيادت باندي بڻيل آهي، جنهن جي ردعمل ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ فوج خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، اهڙي ريت آنگ سان سوچي جو مظلوم ملڪ ميانمار هڪ ڀيرو وري پنهنجي تاريخ جي وڏي آزمائش ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ عوام رستن تي نڪري رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي واري هلچل وڌي رهي آهي.ميانمار ۾فوجي حڪومتن خلاف ڊگهي جدوجهد ڪندڙ ليڊر آنگ سان سوچي کي اسان جي ملڪ سميت دنيا جي آزادي پسند قومن ۽ ملڪن ۾ هڪ ديومالائي ڪردار واري حيثيت حاصل آهي. اوڀر ايشيا جو ملڪ ميانمار جنهن کي برما واري اڳوڻي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ميانمار جي عوام جي هردلعزيز اڳواڻ آنگ سان سوچي کي ڪجهه سال اڳ اتان جي فوجي حڪومت طرفان آزاد ڪرڻ بعد چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو ويو ته سندس جماعت کي عوام طرفان اڪثريتي ووٽ حاصل ٿيا پر ميانمار جي فوجي حڪومت طرفان کيس نامڪمل اقتدار ڏنو ويو ۽ فوج پڻ ملڪ جي اقتدار ۽ اختيارن جو وڏو حصو پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ حڪومت کي محتاج بڻائي رکيو. جنهن جي نتيجي ۾ آنگ سان سوچي کي اڳوڻين فوجي حڪومتن جي بداعمالين کي پڻ ڀوڳڻو پيو ۽ عالمي برادري ۾ پشيمان ٿيڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سوچي کي مليل امن واري نوبل پرائز سميت ڪيترائي عالمي اعزاز پڻ هن کان واپس ورتا ويا، ميانمار ۾ تازو ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سوچي جي جماعت کي ٻيهر حاصل ٿيل سرسي کي فوج طرفان قبول نه ڪيو ويو ۽ چونڊيل جماعت کي اقتدار منتقل ڪرڻ بدران ملڪ تي وري قبضو ڪري ورتو. ميانمار جي جمهوري تحريڪ جي اڳواڻ آنگ سان سوچي جي حوالي سان محترمه بينظير ڀٽو پاران جلاوطني دوران پنهنجي هڪ انٽريو ۾ بيان ڪيل ڪجهه نقطا ۽ ڪمينٽس پڻ ٽئين دنيا جي ملڪن جي جمهوري جدوجهد جي تاريخ جو حصو آهن. پاڪستان ۾ جنرل پرويز مشرف جي آمريت خلاف عوامي هلچل هلي رهي هئي ته ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف دبئي وڃي محترمه سان ملڪ ۾سياسي آزاديون بحال ڪرڻ ۽ عام چونڊون ڪرائڻ وارو ٺاهه ڪيو، جنهن تحت پاڻ وطن واپس اچڻ جون تياريون ڪري رهي هئي، ٻئي پاسي ملڪ ۾ دهشتگردن جا حملا پڻ تمام گهڻا وڌيل هئا، ان صورتحال ۾ ڪيترن ئي گهڻ گهرن ۽ صحافين طرفان محترمه کي پنهنجي حياتي داءَ تي لڳائڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ ميانمار جي آنگ سان سوچي وانگر پاڻ کي محفوظ رکي جدوجهد ڪرڻ جي راءِ ڏني وئي، جنهن تي محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته ميڊم سوچي واري سياست ميانمار جي عوام کي گهڻو لاڀ ۽ جمهوري آزاديون ڏياري نه سگهي آهي، پر هن وقت منهنجو ملڪ، جمهوريت ۽ اتي لکين ماڻهن، ٻارڙن ۽ مائرن جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن، انهن کي بچائڻ لاءِ مون کي پنهنجي حياتي کي داءَ تي لڳائڻو پوندو. اهڙي ريت ملڪ ۽ عوام جو مستقبل بچائڻ ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو شهادت ماڻي ۽ ملڪ ۽ عوام کي سڀ ڪجهه ڏئي وئي. ٻئي پاسي ميانمار جي ليڊر آنگ سان سوچي پنهنجي سموري حياتي قيد و بند ۾ گهارڻ ۽ سندس جماعت جي جدوجهد جي حاصلات اسان سڀني جي سامهون آهي، ميانمار ۾ جاري دور جو منظر نامو پاڪستان جي50 سال اڳ واري تاريخ جي جنرل يحيٰ خان واري آمريت ۾ جمهوري جدوجهد سان مشابهت ۽ ڀيٽي ضرور سگهجي ٿو، معلوم ٿيو ته دنيا جي هر ملڪ جو عوام هڪجهڙو ئي مظلوم ٿئي ٿو ۽ اتي جا آمر ساڳي ريت ظالم ۽ خونخوار ٿين ٿا، اسان جو ملڪ پڻ ڪيترائي ڀيرا وڏين ۽ ڊگهي مدي وارين آمريتن جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. جنهن کان نجات لاءِ جمهوريت جي بحالي جون تحريڪون ۽ عوامي هلچل، جمهوريت سميت عوامي حقن جي بحالي وارن پروانن جي قربانين جي پڻ هڪ ڊگهي تاريخ آهي، اسان جي ملڪ ۾ جنرل پرويز مشرف واري آخري آمراڻي دور جي آخري سالن ۾ اسان جي ملڪ ۾ ججن جي بحالي ۽ آزادي لاءِ وڪيلن ۽ سياسي جماعتن جي تحريڪ سموري ملڪ کي لوڏي رهي هئي ۽ ملڪ جون حالتون حڪمرانن جي وس کان ٻاهر ٿي رهيون هيون، اهڙي صورتحال ۾ جنرل پرويز مشرف اوچتو محترمه بينظير ڀٽو سان ملڻ لاءِ دبئي وڃي پهتو ۽ هن محترمه کي ملڪ جون حالتون ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ درخواست ڪئي. جنهن تي محترمه طرفان جنرل مشرف کي ملڪ ۾ سياسي آزاديون هڪدم بحال ڪرڻ، سياسي قيدين جي غير مشروط آزادي ۽ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪرڻ ۽ پرويز مشرف کي جنرل جي عهدي تان رٽائر ٿيڻ وارا اهم مطالبا سندس سامهون رکيا، نيٺ ٽن گڏجاڻين بعد ٺاهه ٿي ويو، جنهن تحت ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو ۽ سياسي آزاديون بحال ڪيون ويون، جنهن کي قومي مفاهمتي معاهدو (اين آر او) چيو وڃي ٿو، جنهن تحت اڄ تائين اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت قائم آهي ۽ سول حڪومتن جو لڳاتار ٽيون دور هلي رهيو آهي. بيشڪ! ميانمار جو دنيا جي انهن بدنصيب ملڪن ۾ شمار آهي جنهن جو عوام پنهنجي ئي ملڪ جي فوج جي هٿان ڊگهي عرصي کان يرغمال آهي. ميانمار ۾ ڊگهي عرصي تائين فوجي حڪومتن جو راڄ رهيو آهي، جنهن دوران آنگ سان سوچي پڻ پنهنجي سموري جواني قيد ۽ بند ۾ گذاري آهي ۽ محدود سياسي آزادين واري صورتحال ۾ سرگرميون جاري رکي سگهي آهي، ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ سندس جماعت اڪثر ڪاميابي حاصل ڪئي پر حڪمرانن طرفان سندس جماعت کي اقتدار منتقل ڪرڻ کان انڪار ٿيندو رهيو، ان بعد ڪجهه سال اڳ آنگ سان سوچي جي جماعت کي مشروط اقتدار ڏنو ويو. جنهن ۾ سندس جماعت جي سينيئر اڳواڻ کي صدر چونڊيو ويو پارٽي جي سربراهه آنگ سان سوچي کي بااختيار وزيراعظم ٿيڻ کان روڪيو ويو ۽ ان سان گڏ اڳوڻي فوجي سرڪار جي جنرلن کي ملڪ جون ڪيتريون ئي اهم وزارتون ۽ کاتا حوالي ڪري اقتدار ۾ حصيدار ڪرڻو پيو، ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ ميڊم سوچي جي جماعت اڪثريت حاصل ڪري ورتي پر جنرلن اهي چونڊ نتيجا قبول نه ڪيا ۽ حڪومت کي نئون مدو شروع ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ تي وري قبضو ڪري ورتو ۽ ملڪ جو عوام وري پنهنجو ملڪ بچائڻ ۽ شهري آزادين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ نئين سر جدوجهد ڪري رهيو آهي، ميانمار جي عوام جي هن آزمائش واري دور تي اسين پڻ تڪليف محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ ميانمار جي مظلوم عوام جا حامي، سندن ڏکن ۽ تڪليفن ۾ همدرد ۽ ساڻن گڏ آهيون. اميد ڪريون ٿا ته ميانمار ۾ جلد جمهوريت جو سج اڀرندو ۽ اتي جومظلوم عوام پڻ جلد آزاديون ماڻيندو.