192

ائٽمي معاهدي مان آمريڪا جي واپسي ايران خلاف سمورين ظالماڻين پابندين جي خاتمي سان مشروط آهي: علي اڪبر ولايتي

تهران (ويب ڊيسڪ) عالمي معاملن لاءِ ايراني رهبر انقلاب اسلامي جي صلاحڪار ڊاڪٽر علي اڪبر ولايتي چيو آهي ته ائٽمي معاهدي مان آمريڪا جي واپسي ايران خلاف سمورين ظالماڻين پابندين جي خاتمي سان مشروط آهي. هن چيو ته ايران 2015 ۾ طئه ٿيل ائٽمي معاهدي کان پوءِ واعدي مطابق  پنهنجون ائٽمي سرگرميون گهٽائي ڇڏيون هيون ۽  ان جي باري ۾ ڪنهن به لاپرواهي کان ڪم نه ورتو ويو، جڏهن ته آمريڪا وقفي سان جيڪي پابنديون گهٽ ڪيون هيون نه صرف انهن کي بحال ڪيو پر وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ ان ائٽمي معاهدي کان ڌار ٿي ويو. ڊاڪٽر علي اڪبر ولايتي چيو ته رهبر انقلاب اسلامي آيت الله اي سيد علي خامنه اي ائٽمي معاهدي ۾ آمريڪا جي ممڪنه واپسي جي باري ۾ چيو آهي ته ايران ائٽمي معاهدي ۾ آمريڪا جي واپسي جو انتظار نه ڪري رهيو آهي پر ايران جو قانوني مطالبو  پابندين جي خاتمي جي باري ۾ آهي ۽ ايران خلاف غير قانوني  پابندين جو خاتمو ضروري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو