71

ابڙان ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران مريض عورتن سان زيادتي،وڊيو وائرل،ڪارو منهن ڪري گشت ڪرايو ويو

نوشهروفيروز/ نوان جتوئي (ويب ڊيسڪ) نوشهروفيروز ڀرسان ابڙان شھر ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران مريض عورتن سان زيادتي ڪري فحش وڊيوز ٺاھي نياڻين کي بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. طائي ڊاڪٽر شريف خاصخيلي پاران ھڪ عورت سان فحش حرڪتن واري وڊيو وائرل ڪرڻ تي عورت جي مائٽن مڇرجي عطائي ڊاڪٽر جو ڪارو منھن ڪري کيس شھر ۾ گشت ڪرايو ۽ مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ابڙان پوليس عورتن کي بليڪ ميل ڪندڙ عطائي تي ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ الٽو وري سندس فرياد تي ڳوٺاڻن محمد، بچل، غلام نبي، ذوھيب، پير بخش سميت 6 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري غائب ڪري ڇڏيو آھي. ڪيس ۾ عطائي ڊاڪٽر شريف خاصخيلي ڄاڻايو آھي ته مٿي ڄاڻايل ماڻھن عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ تان سندس ميڊيڪل اسٽور تي حملو ڪيو کيس تذليل جو نشانو بڻايو آھي. جڏھن ته وڊيو بيان ۾ وري عطائي ڊاڪٽر موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل ماڻھن کائنس 5 ھزار ڀتو گھريو، ڀتو نه ڏيڻ تان کيس تذليل جو نشانو بڻايو ويو آهي. ٻئي پاسي ايس ايچ او ابڙان شبير شر ٻڌايو ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ماڻھو وڊيو ۾ نظر ايندڙ عورت جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. ھن چيو ته عطائي پاران عورتن سان فحش حرڪتون ۽ وڊيو ٺاھڻ وارو عمل انتھائي غلط آھي جيڪڏھن وڊيو ۾ نظر ايندڙ عورت جا مائٽ عطائي تي ڪيس داخل ڪرائن ته اھو ڪيس به داخل ڪيو ويندو، جيڪڏھن اھي نه ٿا ڪيس داخل ڪرائن ته پوءِ سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو