ڪراچي (رپورٽ: وحيد ميمڻ) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ وارن کاتن جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ علي زيدي جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آئي جي نا سمجھ ماڻهن کي سفارتي طور طريقن جي خبر ئي ناهي. ايف اي ٽي ايف پاران سرڪاري اعلان ٿيو ئي ناهي، هي ماڻهو صبح کان پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري صوبائي وزير پنھنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ وارن جي اھڙين حماقتن ڪري دوست ملڪ پاڪستان کان ناراض ٿي ويا هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اتحادي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير/چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڻ ٿڪ محنت رنگ لاتو آهي ۽ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جا واضع امڪان آهن. صوبائي وزير چيو ته سفارتي طريقن جو خيال رکندي آفيشل اعلان جو انتظار ڪرڻ گھرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو اعلان ٿئي ٿو ته ان جو سمورو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وڃي ٿو ، جنھن پنھنجي پرڏيهي دورن ۾ پاڪستان جو ڪيس مظبوط طريقي سان رکيو. صوبائي وزير چيو آهي ته پي ٽي آئي اين اي 240 تان پنهنجي بد ترين هار کي ڏسي ڀڄي وئي. کين اميدوار ئي نه مليو . الزام لڳائڻ، ڪوڙ کي سچ ۾ بدلائڻ لاءِ بونگيون ھڻڻ پي ٽي آئي جي اڳواڻن جي عادت بڻجي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حقيقي ، جمهوري ۽ عوامي مارچ پاڪستان پيپلز پارٽي کان سواءِ ڪو به نٿو ڪري سگھي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام آباد مارچ ۾ لکين ڪارڪن شامل هئا. ڪراچي کان اسلام آباد تائين ننڍي وڏي شهرن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو لکين ماڻهن گرم جوشي سان آڌر ڀاءُ ڪيو. جيڪو سڀني ڏٺو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آئي جو لانگ مارچ جمهوري نه پر اسلام آباد تي يلغار ڪرڻ جي سازش هئي. جنهن کي اتحادي حڪومت ناڪام بڻائي ڇڏيو.
