مير علي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ آپريشن، تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪمانڊر مارجي ويو، رپورٽ موجب اتر وزيرستان جي مير علي علائقي ۾ ڪارروائي دوران تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪمانڊر صفي الله موقعي تي مارجي ويو آهي، جڏهن ته آپريشن ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، مارجي ويل دهشتگرد اين جي اوز جي 4 عورتن جي قتل ۾ ملوث هو، سيڪيورٽي فورسز موجب دهشتگرد 2020ع ۾ ايف ڊبليو او جي انجنيئرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ پڻ ملوث هو.
