راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان جي علائقي نرگوسا ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو، جهڙپ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. مارجي ويندڙ دهشتگردن جي سڃاڻپ عثمان علي ۽ وحيد لشتئي طور ٿي آهي، مارجي ويل ٻئي ڄڻا دهشتگرد تحريڪ طالبان سجنا گروپ جا سرگرم ورڪر هئا ۽ آءِ اي ڊيز ٺاهڻ جا ماهر هئا.
