264

اتر وزيرستان ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 4 پورهيت قتل، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي: پوليس

ميرانشاهه (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 پورهيتن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق اتر وزيرستان جي علائقي علي مير ڀرسان ڳوٺ ايپي ۾  اڻڄاتل هٿياربندن گاڏي ۾ سوار 4  پورهيتن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڊي پي او شفيع الله گنڊاپور مطابق مارجي ويل پورهيت هئا جيڪي مير علي کان بنون وڃي رهيا هئا، جن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، جن جي سڃاڻپ مير علي واسي نور فراز، ايبٽ آباد واسي عابد محمد، ڊيرا الهيار خان واسي سيد ظفر عباس ۽ گوجرانوالا واسي احمد سعيد طور ٿي آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو