87

اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان پنهنجي ناڪامين جو اعتراف ڪري ورتو

ڪوريا (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ملڪ جي خراب معاشي صورتحال تي پنهنجي ناڪامين جو اعتراف ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق ڪم جونگ ان سرڪاري ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سمورن شعبن ۾ ملڪي اقتصادي ترقي جو منصوبو بري طرح ناڪام ٿيو آهي، اسان کي درپيش هاڻوڪن مختلف چئلينجز تي يقيني ۽ تيزي سان منهن ڏيڻ لاءِ رستو اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي خود اعتمادي ۽ پنهنجي طاقت سان هر ممڪن ڪوشش ڪريون. هن چيو ته گذريل 5 سالن جي اقتصادي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ سمورن شعبن ۾ اسان جا مقصد پورا ناهن ٿي سگهيا، جتي اسان جي تجربن ۽ ڪمن ۾ غلطيون ٿيون ان جو گهرائي سان گڏيل تجزيو ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو