241

ادارا بند ڪرڻ بدران انهن کي سڌارڻ گهرجي…

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت سنڌ مان پي آءِ اي جون سموريون آفيسون بند ڪري 450 کان وڌيڪ آفيسرن کي اسلام آباد بدلي ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته قومي ايئر لائين جي هيڊ آفيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ واري فيصلي تي عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ ان کي عملي جامو پارائڻ لاءِ حڪومت لاڙڪاڻي کانسواءِ سڄي سنڌ ۾ آفيسون بند ڪري ڇڏيون آهن، ملڪي تاريخ ۾ اهو ڀيرو آهي ته هڪ صوبي مان قومي ايئر لائين جون سموريون آفيسون بند ڪيون ويون آهن، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هيڊ آفيس ڪراچي ۾ هجڻ باوجود ان جي مارڪيٽنگ واري شعبي جو وڏو حصو به اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي، اهڙي قدم کي سنڌ ۾ احساس محرومي وڌڻ واري زاويي سان ڏٺو پيو وڃي ۽ اسان سمجهون ٿا ته اهو زاويو ڪنهن قدر درست به آهي، ڇو ته موجوده حڪومت جيئن ئي پنهنجو اقتدار سنڀاليو آهي تيئن ئي ان جمهوري، آئيني ۽ قانوني معاملن کي هڪ سائيڊ تي رکي سنڌ تي مسلسل وار ڪيا آهن، جنهن ۾ ٻيٽن تي قبضي کان ويندي اسٽيل مل جي خانگائڻ ۽ ان کانپوءِ صوبي اندر پي آءِ اي جون آفيسون بند ڪرڻ وارا عمل ان طرف ئي نشاندهي ڪري رهيا آهن، سنڌ هن ملڪ جو خالق صوبو آهي ۽ اتان جي ماڻهن سان ان قسم جي جي رويي واري روايت انتهائي افسوسناڪ آهي، سڄي دنيا اندر هر شهر ۾ اتان جي قومي ايئر لائينن جون آفيسون آهن ۽ اهي خوش اصلوبي سان هلن به پيون، نه رڳو قومي ايئرلائنن پر ڪيترين ئي پرائيويٽ هوائي ڪمپنين جون آفيسون دنيا کان ويندي پاڪستان ۾ به هنڌ هنڌ پنهنجون آفيسون قائم ڪري ڪمائي رهيون آهن ته پوءِ آخر اهڙي ڪهڙي رڪاوٽ آهي جيڪا سرڪاري ڪمپنين جي آڏو اچي ٿي ۽ اهي ڪمائي نه ٿيون سگهن، اسان سمجهون ٿا ته هن ۾ سڀ کان وڏو عمل دخل سرڪار جي پاليسين جو آهي ۽ انهن پاليسين کي بهتر ڪرڻ بدران ادارن ۽ آفيسن کي بند ڪرڻ بلڪل ائين آهي جيئن ڪير سمجهي ته اکيون بند ڪرڻ سان مسئلا ختم ٿي ويندا، ان ڪري هن ملڪ جي ادارن ڏانهن اکيون بند ڪرڻ وارو رويو ختم ڪري اکيون کولڻ ۽ مسئلا سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻيٽن واري معاملي تي به وفاقي حڪومت ساڳئي رويي کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ هاڻ ٻيٽن بابت ٺاهيل نام نهاد ڪاميٽي مان سنڌ جي چونڊيل حڪومتن ۽ نمائندن کي جهڙوڪر ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي نمائندگي اتي وفاق جي هڪ مقرر ڪيل گورنر کان ورتي پئي وڃي، جيڪو ڪنهن به طرح سان نه ته آئيني، نه قانوني ۽ نه اخلاقي طور تي درست عمل سمجهيو وڃي ٿو، اسان وفاقي حڪومت کان اها گهر ڪرڻ ۾ حق تي آهيون ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ هوائي سفري سهولتن واري قومي سهولت کي پري نه ڪيو وڃي ۽ آفيسون بحال ڪري انهن ۾ سڌارا آندا وڃن، سنجيدگي سان مسئلن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ انهن جو حل ڳوليو وڃي، باقي اکيون بند ڪري انڌاڌنڌ فيصلن سان نقصان ملڪ کي ئي پهچندو، حيدرآباد، سکر سميت ٻين ننڍن شهرن ۾ جيڪڏهن پرائيويٽ هوائي ڪمپنيون پنهنجون آفيسون کولي ويٺل آهن ته يقينن اهي نقصان ۾ نه هونديون ۽ نه ڪوئي پاڻ کي نقصان ڏئي اهي آفيسن جو بار برداشت ڪنديون هونديون، ان ڪري سمورن قومي معاملن تي آئيني ۽ جمهوري طريقي سان قدم کڻي ان احساس محرومي کي روڪيو وڃي جنهن کي وڏي جدوجهد کانپوءِ ارڙهين ترميم جهڙي آئيني تحفظ واري قدم سان روڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو