ليکڪ: عابد مهيسر
31 جنوري 1959ع تي ڳوٺ حاجي محمد جعفر هڪڙو ۾ اتان جي معزز شخصيت حاجي پيروز ولد حاجي محمد جعفر هڪڙو جي گهر جنم وٺندڙ عبدالواحد عاصي هڪڙو پنهنجي علم، دانش ۽ عقل ۽ فهم وسيلي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ بڻيو، سندس سماجي توڙي ادبي خدمتون پوري ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ قابل قدر آهن، عبدالواحد عاصي ديني توڙي دنيوي تعليم پوري شوق ۽ ذوق سان حاصل ڪئي ۽ سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ جا اوائلي ڪتاب پڙهي علم ۽ ذهني آگاهي حاصل ڪئي ۽ تنهن بعد علم ۽ ادب سان باقاعده واڳجي ويو ۽ شعر و شاعريءَ سان به دل لڳس، جنهن سبب پنهنجي ذاتي لائبرريءَ جوڙڻ جو شوق به ٿيس ۽ هڪ وڏي لائبرري قائم ڪرڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ادب جي دنيا ۾ کيس محمد ابراهيم ڀلائي ۽ سنڌ جي سڄاڻ ۽ ساڃاهه وند مؤرخ ۽ محقق محترم معمور يوسفاڻيءَ جي صحبت ۽ سرواڻي نصيب ٿي، جن جي ساٿ ۾ گهڻو ڪجهه پرايو ۽ پاتو. 1980ع واري ڏهاڪي کان لاڳيتو ادبي کيتر يعني تخليقي ادب ۽ تاريخ ۽ تحقيق جي پراسرار بابانن ۾ رنڍا روڙڻ شروع ڪيا ۽ سندس جفاڪشين ۽ جاکوڙن جي کيس مڃتا به ملندي رهي ۽ سندس جدوجهد کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، ڇو ته عاصي عبدالواحد هڪڙو رڳو سطحي تحقيق نه ڪئي پر نهايت گهرائي ۽ پوري ڌيان سان پنهنجي چونڊيل عنوانن تي ڪم ڪيو ۽ تاريخ جا ڪئين پراسرار راز انڪشاف ڪيا، جيڪي مقالن جي صورت ۾ مختلف دورن ۾ ادبي مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا ۽ ٿيندا رهن پيا، خاص ڪري سنڌ جي سماجي اصلاحي ڪردار وتايو فقير جي شخصيت ۽ ڪردار کي اجاڳر ڪرڻ ۾ پنهنجي اڀياس ۽ جاچ پرک واري نظر سان پاڻ موکيو ۽ ان کانسواءِ شاهه لطيف ۽ شاهه عنات رضويءَ جي ڪلام جي فڪري پرچار ڪئي ۽ تنهن کانسواءِ جديد تحقيقي انداز سان ٽنڊوالهيار جي سماواتي سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جو پورو بندوبست ڪيو، پر شايد کيس اڃا يا ان ونڊ ورڇ تي اطمينان ۽ ويساهه ناهي، عاصي عبدالواحد هڪڙو پنهنجي سِرت ۽ ساعت آهر قلمڪاريءَ سان گڏ مستند ماخذن جو دل جي گهرائيءَ سان مطالعو ۽ اڀياس ڪندي وقت جي وهڪري ۾ زندگيءَ جي ضخامت ۽ قدامت جي منظر، پسمنظر مان مشاهدا ماڻي گهڻو ڪجهه مُلهائتو مُقدم، روح جي رَهگُذر تان پاتو ۽ ماڻيو، گڏوگڏ سندس علمي ادبي اتساهه جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهيو ۽ ڪئين قيمتي، ناياب ۽ املهه ماڻڪ ماخذ آڻي گڏ ڪيائين ۽ ڏسندي ڏسندي هڪ تمام وڏو علمي خزانو گڏ ڪري ورتو ۽ ضلعي ٽنڊوالهيار جي تمام وڏي پنهنجي ذاتي لائبريري قائم ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ مطالعو به وسيع اٿس. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عبدالواحد ”عاصي“ هڪڙو هڪ مُدبر ۽ تاريخ ۽ تحقيق جو ڄاڻو علم ۽ ادب سان انتها درجي تائين عشق ڪندڙ شخص آهي پاڻ هڪ بيباڪ ۽ لاجواب علمي ادبي ڪردار سان گڏوگڏ عاليشان شخصيت جو مالڪ ۽ صوفي منش ملنسار انسان آهي ۽ ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته عبدالواحد عاصي هڪڙو، سنڌ جي سماواتي پرڳڻي ٽنڊوالهيار جو وهائو تارو آهي، سندس علمي ادبي ۽ تحقيقي ذوق سندس علمي ادبي املهه ماڻڪ موتين جي وسيع ذخيري مان ۽ علمي، ادبي، تحقيقي بحث ۽ گفتگوءَ مان پوريءَ ريت پڌرو ٿئي ٿو، سندس لائبريريءَ ۾ ناياب ادبي توڙي تاريخي پستڪن (ڪتابن) جو املهه خزانو ان جي عڪاسي آهي. ٽنڊي الهيار جي مصنفن ۽ قلمڪارن جون تقريبن سموريون تصنيفات پڻ لائبريريءَ ۾ موجود آهن. هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ٽنڊوالهيار جي پوري تاريخ وکريل ئي سهي پر مذڪوره لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي، سڀ کان وڏي ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته يقينن عبدالواحد ”عاصي“ هڪڙو سندس پوري لائبريريءَ جي ڪتابن جو اڀياس به ڪري چڪا آهن. عبدالواحد عاصي“ هڪڙو سان تاريخ ۽ تحقيق تي ڪچهري ۽ بحث مباحثو ٿيو، سندس مطالعو گهرو، وسيع آهي ۽ هر سوال جو حقيقي جواب تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڏيڻ جي ڪوشش هوندي اٿس.