252

ادل سومري جي بيتن جو ماحولياتي تنقيدي تجزيو

ليکڪ: مشتاق گبول

ماحولياتي تنقيد ،ادب، ماحول ۽ فطرت جي وچ ۾ جُڙيل تعلق جي مطالعي کي چئبو آهي. ماحوليات ۽ فطرت، شاعريءَ ۾ گھڻين معنائن ۾ استعمال هيٺ آيا آهن. ماحولياتي مطالعي ذريعي نه صرف شاعر جي ماحوليات ۽ فطرت سان دلي لڳاءَ کي پرکيو ويندو آهي، پر ان سان فطرت دشمن عنصرن، ماحولياتي گدلاڻ، فطرت جي تباهه ڪارين ۽ انهن جي نقصانن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي. ماحولياتي تنقيد بابت عتيق الله جو چوڻ آهي ته ”ايڪو (Eco) مخفف آهي Ecology جو يعني حياتيات جي اها شاخ، جنهن ذريعي هن ڪائنات ۾ موجود سمورن ساهوارن جي هڪٻئي سان تعلق جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. جيئن ته ماحول يا ان جي ڀرپاسي جي فضا، انساني ۽ حيواني زندگي، يا ماڻهن جي صحت تي اثر انداز ٿيندي آهي. جيڪا نباتات جي نشو نما کي به متاثر ڪندي آهي. ان لاءِ ماحول جي نسبت سان اُن کي ماحوليات سڏيو وڃي ٿو.“ (عتيق الله، 2019 :345) ماحولياتي تنقيد نگاري مطابق انساني تهذيب، ٻين جاندارن ۽ ساهوارن سان جُڙيل آهي. انهن تي ماحوليات ۽ فطرت جا اثر پون ٿا. ماحولياتي گدلاڻ ۽ فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ سان انسان، حيوان ۽ نباتات متاثر ٿين ٿا. انهن جي صحت، انهن جي حُسن ۽ خوبصورتي ۽ انهن جي تخليقي صلاحيتن تي خراب اثر پون ٿا. ماحوليات کي هاڻي سائنس جو ئي حصو سمجهيو وڃي ٿو. ان حوالي سان عتيق الله جو چوڻ آهي ته ”ماحوليات هاڻي سائنس جي طور تي سوسائٽي ۽ فطرت جي گڏيل رشتي جو مطالعو آهي. سماجي ماحوليات Social Ecology، هن جو ئي هڪ عنصر آهي. ماحول يا فضا جيڪڏھن زهريلي گيس سان گدلو آهي ته ان جا منفي اثر انساني نسل ئي نه، قدرتي وڻن، گلن ٻوٽن ۽ جهنگ جي جانورن جي واڌ ويجهه تي به پوندا آهن. ڇو ته اهي سڀ هڪٻئي سان جُڙيل ۽ هڪٻئي تي ڀاڙين ٿا.“ (عتيق الله، 2019:345) دراصل ماحولياتي تنقيد هڪ اهڙي تنقيد آهي، جنهن ۾ ماحوليات ۽ فطرت جي بدلجندڙ منظرنامي جا عڪس ڳوليا ويندا آهن. هن ۾ ماحولياتي گدلاڻ، ماحوليات ۽ فطرت سان هٿ چراند جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي مطالعي مان اها خبر پئي ٿي ته شيخ اياز، نارائڻ شيام، امداد حسيني، علي دوست عاجز، اسحاق سميجو ۽ ادل سومرو اُهي شاعر آهن، جن کي اسين Eccentric چئي سگهون ٿا. جن جي شاعريءَ ۾ فطرت تخليقي جوهر وانگر سمايل آهي.علي دوست عاجز جو بيت آهي ته،

ڪيڏو حال خراب، شهرن وٽان شاهه جو،

پاڻيءَ ۾ پيشاب، گٽر خود گڏجي ويا.

درياهه فطرت جي عطا ڪيل هڪ انمول سوکڙي آهي.مطلب ته درياهه فطرتي نظام جو هڪ اهم مظهر آهي. جنهن جي پاڻيءَ جي پاڪائيءَ ۾ حياتياتي جوهر سمايل آهي. درياهه جي پاڻيءَ ۾ پيشاب ۽ گٽر جو گڏجڻ،ان جي فطرتي مظهر ۽ حياتياتي جوهر، ان جي معنويت، ان جي جواز ۽ ان جي وجود کي وڃائڻ برابر آهي. درياهه سان اهو رويو، دراصل فطرت دشمنيءَ تي ٻَڌل آهي. شاعر ان بيت ۾ درياهه کي روح ۽ فڪري صلاحيت عطا ڪئي آهي. درياهه جي پاڻيءَ ۾ پيشاب ۽ گٽرن جو گڏجڻ، اصل ۾ درياهه جي تخليقيت جي ، ان جي آزاد جوهر جي ، ان جي روح جي ۽ ان جي فڪري صلاحيتن جي توهين آهي.ادل سومرو، سنڌي ٻوليءَ جي اهم شاعرن مان هڪ آهي. هن بيت جهڙي ڪلاسيڪل شعري صنف کي جديد دور سان هم آهنگ ڪري پيش ڪيو آهي. هن جي بيتن جي اها خُوبي آهي ته ان ۾ فطرت سان بي انتها محبت آھي. پهاڙن، جبلن جي ٽڪرا ٿيڻ جو الميو آهي. وڻن جي وڍجڻ جو درد آهي. جهنگن ۽ ڳوٺن جي ميسارجڻ جي دانهن آهي. شهرن جي وڌڻ ۽ فطرت جي گهٽجڻ جي ڪهاڻي آهي. جيڪا تهذيب فطرت کي تباھ ڪري جُڙي آهي، ان تي هن جي شاعري احتجاج ۽ هڪ زوردار رڙ وانگر آهي.ماحولياتي تنقيدي تجزيي ۾”ڏسڻو اهو آهي ته فطرت جي مظهرن کي ۽ فطرت کي هڪ تخليقڪار ڪيئن ڏسي ٿو ۽ ان کي پڙهندڙن جي لاءِ ڪهڙي نموني محض هڪ تخليقي شئي کان وڌيڪ تخليقي جوهر طور سامهون رکي ٿو.“(اعواڻ، الياس بابر، 2017:317) وڻ فطرت جو اهم مظهر آهن. انهن جي واڍي تي ادل احتجاج ڪندي چوي ٿو ته،

”وڻ وڍيندڙ ڪيترا، پوکيندڙ ٿورا،

ڀونءِ مٿان ڀورا، ڇانوَ وڃي ٿي کسڪندي.

ڪھاڙين وڌو اچي، وڻن ۾ ماتم،

لوڀي هي آدم، اُجاڙي ٿو سُونهن کي.

قدرتي ماحول پنهنجو الڳ وجود رکندو آهي. ان جي وجود کي تہس نهس ڪرڻ جي ڪوشش، وڻن جي واڍي آهي. انسان صدين کان وٺي پنهنجي فائدي ۽ مطلب لاءِ پنهنجي لالچ ۽ حرص جي لاءِ فطرت جي معصوميت کي ختم ڪرڻ ۾ رُڌل آهي.انسان فطرت جي تحفظ جي لاءِ ڪجھ به ڪري نہ سگھيو آهي. ادل سومري وڻن کي ڇانوَ، راحت ۽ سڪون جو ذريعو قرار ڏنو آهي. وڻن جو خاتمو، مطلب پکين، جانورن ۽ انسانن جي راحت ۽ سڪون جو خاتمو آهي. فطرتي نظام ۾ وڻن جو خاتمو ساهوارن جي راحت ۽ سڪون واري هڪ پوري سماج جو خاتمو آهي. وڻ، جيڪي انسان، جانورن ۽ جيت جڻين جي محبتن ۽ سڪون جا امين آهن. وڻن جي واڍي، ماحولياتي تباهي آهي. ادل وٽ ڌرتي،ان جي وڻن، گلن ٻوٽن جي اهميت آهي. ادل انهن بيتن ۾ اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته اسان فطرت جي تحفظ ڪرڻ ۽ فطرت دوست ٿيڻ بجاءِ فطرت دشمن ٿي پيا آهيون. وڻ، انساني جبر جو شڪار ٿيندي ڏيکاريا ويا آهن. ادل اهو پيغام ڏيڻ ٿو چاهي ته فطرت جو خاتمو، ۽ ان جو بنجر ٿيڻ، دراصل انساني نسل جي بنجر ٿيڻ جي ابتدا آهي.

اوڳاڇن ٿيون فيڪٽريون، ڇو زهر نديءَ ۾،

هلندڙ صديءَ ۾، سنڌ وڃي ٿي اُجڙندي.

فيڪٽرين جو زهريلو ۽ ڪيميڪل وارو پاڻي، درياهه ۽ واهن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. انسان، پنهنجي مفاد، فائدي ۽ پئسي ڪمائڻ جي لالچ ۽ حرص جي ڪري انساني، حيواني ۽ نباتاتي جيوت جي اهم ذريعي پاڻيءَ ۾ زهر ملائي رهيو آهي. جياپي جي اهم ذريعي کي زهريلو بڻائڻ ۽ فطرت سان اهڙو رويو اختيار ڪرڻ انسان جي سماجي قدرن جي خاتمي جي نشاندهي ڪري ٿو.فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ، ان تي جبر ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا انسان کي ڀوڳڻا پون ٿا، ان جي باوجود انسان فطرت کي تباھ ڪرڻ پٺيان لڳل آهي.

ڪيڏا هي اروڙ جا، ڊڄن ٿا آثار،

بلڊر، ٺيڪيدار، ڳڙڪائن ٿا ٽڪريون.

اروڙ جبل ۽ ان جي تاريخي آثارن جو ڊڄڻ، جماداتي سماج جي خاتمي ڏانهن اشارو آهي، جبلن جو خاتمو، فطرت جي نظام جي خاتمي وانگر آهي. ڪائنات جي نظام جي بقا ان ۾ آهي ته فطرت کي پنهنجي اصل جوهر مطابق رهڻ ڏنو وڃي. ادل سومري جي ان بيت ۾ ”بلڊر“ ۽ ”ٺيڪيدار“ فطرت دشمن عناصر آهن. اهي ٻئي عناصر، شهري تهذيب جي نمائندگي پڻ ڪن ٿا. جيڪا تهذيب، فطرت دشمن آهي. ڇو ته شهري تهذيب، فطرت کي ختم ڪري جوڙي وئي آهي. شهري سماج جوڙڻ ۾ هميشه فطرت جي قرباني ڏني وئي آهي. ادل جي ان بيت ۾ ٻه لفظ ”بلڊر“  ۽”ٺيڪيدار“ هڪ پاسي شهري سماج جي اڏيندڙ جو روپ رکن ٿا ته ٻي پاسي فطرت کي مٽائيند ِڙ ۽ فطرت دشمن طور سامهون اچن ٿا.

فيڪٽريءَ جي دونهين ۾، ڍڪجي ويو چنڊ،

منظر ڏسي سمنڊ، آهي ڏُکارو ٿي ويو.

اهو بيت ماحولياتي گدلاڻ تي لکيل آهي.”فيڪٽري“ لفظ هڪ پاسي صنعتي ۽ سائنسي ترقيءَ جي علامت آهي ۽ ٻي پاسي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ترقيءَ جا فطرت تي جيڪي ناڪاره اثر پيا آهن. انهن ناڪاره اثرن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو. ادل ان بيت ۾ ماحوليات ۽ فطرت جي قدر ۽ اهميت کي سمجهي ۽ سمجهائي ٿو. فطرت جيڪا زندگي بخشيندڙ هڪ سگهھ آهي. ان بيت ۾ شاعر اهو ڏيکاريو آهي ته سائنسي ۽ صنعتي ترقي ماحوليات ۽ فطرت جي تباهيءَ جو سبب آهي. ماحولياتي گدلاڻ سبب موسم ۾ غير معمولي تبديليون آيون آهن ۽ انهن تبديلين جا خطرناڪ اثر ڏسڻ ۾ آيا آهن.

ندي پنهنجو پيار ٿي، ڌرتيءَ کي ارپي،

وڻ، پکين کان ڪڏهن، نٿو ڇانوَ کسي،

ڪين مگر سمجهي، فطرت کي انسان ٿو.

اهو فطرت جو اٽل قانون آهي ته ان جا مختلف مظهر سڀني لاءِ هڪجيترا آهن. چنڊ ڪائنات ۾ سڀني کي هڪ جيتري چانڊوڪي ڏيندو آهي. سج به روشني ڏيڻ ۾ فرق ناهي رکندو. اهڙ نموني، ندي بنا ڪنهن فرق جي ڌرتيءَ کي سيراب ڪندي رهندي آهي. ادل جو اهو بيت، فطرتي قانون جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن ۾ نديءَ جو پيار ڌرتيءَ لاءِ آهي. وڻن جي ڇانو پکين، جانورن، جيت جڻين ۽ انسانن جي لاءِ آهي ۽ انهن ڪڏهن به پکين کان ڇانو ناهي کسي، پر هڪڙو انسان آهي، جيڪو فطرت جي ان بنا فرق واري قانون کي  نٿو سمجهي، هڪ طرف فطرتي قانون جي تشريح ڪئي وئي آهي ته ٻئي پاسي انساني بي سمجهي جي ڳالهھ ڪري، انساني سماج ۾ موجود فرق جي عنصر کي ننديو ويو آهي، شاعر چاهي ٿو ته انساني سماج جي اڏاوت  پڻ عين فطرت جي قانون مطابق هجي.هن بيت ۾ فطرتي قانون کان ھٽي ڏسون ته  ندي يعني پاڻي، جياپي ۽ زندگيءَ جو استعارو آهي ۽ نديءَ جي ڌرتيءَ سان پيار مان مراد، ڌرتيءَ تي موجود، انسانن، حيوانن ۽ نباتاتن کي زندگي ارپڻ آهي. وڻ، استعارو آهن، ڇانوَ، فرحت ۽ سڪون جو. جيڪي پکين جي پوري سماج کي راحت ۽ سڪون مهيا ڪن ٿا. يعني وڻ جو تعلق پکين جي پوري سماج سان آهي ۽ ٻيو اهو ته وڻ جو ڪردار، راحت ۽ سڪون ارپيندڙ فطرت جو هڪ اهم ڪردار آهي.

فطرت سان ٽڪراءَ ۾، آيو جو انسان،

پنهنجو ئي نقصان، ٿيو هن کان لوڀ ۾.

اهو ئي فطرت جو اٽل قانون آهي ته اُن سان ٽڪراءَ ۾ يا جيڪو به ان جي مدِمُقابل ايندو آهي، اها ان کي ڪڏهن زلزلن، ڪڏهن موسمي تبديلين، ڪڏهن سونامي، ڪڏهن بي انتها برساتن يا ٻين ڪيترن ئي نمونن سان نقصان پهچائيندي رهندي آهي. هن بيت ۾ ادل سومرو، فطرت سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ بدران، ان جي تحفظ جو فڪر پيش ڪري ٿو ۽ اسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته دراصل ماحوليات ۽ فطرت جو تحفظ ڪرڻ، انساني، حيواني ۽ نباتاتي سماج جي ئي تحفظ ڪرڻ وانگر آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو