93

ارسا پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري پيو، سنڌ ۾ وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ارسا پاران پاڻي معاهدي 1991ع جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ صوبي جي بئراجن ۾ مسلسل گھٽ پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب سنڌ صوبي ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ صوبو شديد پاڻي کوٽ ۽ ارسا پاران گھٽ پاڻي فراھم ڪرڻ جي باوجود بلوچستان صوبي کي گڊو بئراج جي ڊزرٽ پٽ فيڊر ۽ سکر بئراج جي اين ڊبليو ڪئنال ذريعي وڌيڪ پاڻي ڏئي رھيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ آبپاشي  کاتي جي صوبائي وزير چيو ته سنڌ صوبو پاڻ پاڻيءَ جي موجوده شديد کوٽ کي برداشت ڪندي، بلوچستان صوبي کي پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بلوچستان صوبي کي سکر بئراج ڊيزرٽ پٽ فيڊر مان وڌ کان وڌ پاڻي ڏنو پيو وڃي پر ارسا پاران سکر بئراج ۽ گڊو بئراج ۾ پاڻي جي گھٽ فراهمي سبب اين ڊبليو ڪينال، وارهه ڪينال، دادو ڪينال متاثر ٿي رهيا آهن. آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير وڌيڪ چيو آهي ته سکر بئراج تي پانڊ ليول برقرار نه هئڻ سبب پاڻي جي کوٽ ۾ ويتر اضافو ٿي رھيو آهي جيڪڏھن سکر بئراج تي پانڊ ليول کي برقرار رکيو ويندو ته پوءِ رائيٽ بينڪ ڪئنالن ۾ پاڻي جي فراهمي پڻ جاري رھندي. آبپاشي کاتي واري وزير ڄام خان شورو ارسا اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته 1991 جي پاڻي معاهدي تحت صوبي سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سنڌ صوبي۽ بلوچستان صوبي ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ تي ضابطو آڻي سگھجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو