39

ازبڪستان سان سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان سان لاڳاپن جي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياست، واپار، معيشت ۽ ثقافت سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو ازبڪستان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير سيد علي اسد گيلاني سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته سياست، واپار، معيشت ۽ ثقافت سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ازبڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻطرفي اهميت جي معاملن، علائقائي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن، پارلياماني مٽاسٽا ۽ وزارتي رابطن جي ضرورت آهي. هن نامزد سفير تي زور ڏنو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ، ازبڪستان ۾ پاڪستاني تيار ٿيل مصنوعات، دوائون ۽ خدمتن جو روانگي واپار وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ ۽ ازبڪستان سان ثقافتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي به ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو