اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ قائم مقام چيف جسٽس جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڪي اليڪٽرن جي وچ ۾ رهتن جي تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪي ايم سي کي تڪرارن جي حل لاءِ ڪاميٽيون ۽ ذيلي ڪاميٽيون ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسان ادارن وچ ۾ تڪرار ٻڌڻ نه پر قانوني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون، ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو ڪم نه ٿا ڪن، ڪي اليڪٽرڪ کي انرجي بل ادا ڪرڻ ڪي ايم سي جو ڪم آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت فنڊ ڏيڻ جي پابند آهي، ڪي ايم سي کي پنهنجو رويو پاڻ تبديل ڪرڻو پوندو، ٻئي ادارا گڏجي ويهي پنهنجا معاملا حل ڪن، قائم مقام چيف جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪير به نه ٿو چاهي ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ اونداهه هجي، ڪي ايم سي ٽرانسميشن لائين ٺاهڻ جو مشورو ڏئي سگهي ٿي، ڪي ايم سي کي پتو ئي ناهي ته ڪيتريون رهتون ڏيڻيون آهن، پئسا ۽ ڪاروباري مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ناهيون ويٺا.
