146

اسان جا بروٽس ڪير آهن…؟؟

ليکڪ: حامد مير

15 مارچ اهو ڏينهن آهي جڏهن سينيٽ جي فلور تي هڪ حڪمران کي قتل ڪيو ويو هو، ان واقعي جو پاڪستان جي تاريخ سان ڪو به تعلق نه آهي پر 12 مارچ 2021ع تي سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊن دوران جيڪي واقعا پيش آيا اهي مون کي هر هر سينيٽ ۾ قتل ٿيل ان حڪمران جي ياد ڏيارين ٿا. ان حڪمران جو نالو جوليس سيزر هو، جيڪو مملڪت روم جو سڀ کان طاقتور انسان هو، پر ان کي سينيٽ جي اجلاس دوران ان جي پنهنجي ئي دوست بروٽس ساٿي سينيٽرن سان گڏجي قتل ڪري ڇڏيو، رت ۾ لت پت سيزر جڏهن پنهنجي دوست بروٽس کي به وار ڪندي ڏٺو ته ان جي زبان مان رڳو اهي لفظ نڪتا ته ”بروٽس تون به؟“ ڪيترائي سال اڳ مون جوليس سيزر جا اهي لفظ شيڪسپيئر جي ڊرامي ۾ پڙهيا هئا، انهن ڪجهه لفظن بروٽس کي بيوفائي جي علامت بڻائي ڇڏيو، بروٽس پنهنجي دوست جوليس سيزر کي قتل ڪرڻ کانپوءِ هڪ عوامي اجتماع ۾ پهتو ۽ هن پنهنجي بيوفائي کي حب الوطني جي پردي ۾ لڪائڻ لاءِ چيو ته ”آئون سيزر سان گهٽ محبت نٿو ڪريان پر آئون روم سان وڌيڪ محبت ڪريان ٿو“ عوام بروٽس جي تقرير کان متاثر ٿي مقتول حڪمران خلاف نعره لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا، ان موقعي تي سيزر جي هڪ همدرد سينيٽر مارڪ انتوني سامهون آيو ۽ هن عوام جي جذبن کي سامهون رکندي چيو ته آئون سيزر کي دفن ڪرڻ آيو آهيان، ان جي تعريف ڪرڻ نه آهيان آيو، بروٽس صاحب چوي ٿو ته سيزر هڪ سنگدل انسان هو، پر مون ڏٺو ته جڏهن عوام روئيندو هو ته سيزر به انهن سان گڏ روئندو هو، ڀلا جيڪڏهن هو سنگدل هجي ها ته پوءِ پنهنجي عوام سان گڏ ڇو روئي ها؟ پر بروٽس صاحب سهي چوي ٿو ڇو ته اهو به هڪ قابل عزت انسان آهي، مارڪ انتوني هڪ وکريل مجموعي کي آهستي آهستي پنهنجي لفظن جي گهيري ۾ وٺي بروٽس لاءِ بار بار طنزيه انداز ۾ قابل عزت جو لفظ استعمال ڪيو ۽ ٿوري ئي دير ۾ اهو عوام بروٽس خلاف نعره هڻي رهيو هو، مملڪت روم حضرت مسيح عه جي پيدائش کان اڳ قائم ٿيو ۽ الله جي آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صه جي ولادت مبارڪ کان اڳ زوال پذير به ٿي ويو، سينيٽ جي اجلاس ۾ سيزر جي قتل وارو واقعو 15 مارچ 44 قبل از مسيح جو آهي، سيزر جي خلاف سازش ڪندڙ سينيٽرن جو انگ 60 هو ۽ بروٽس سميت ٻين سينيٽرن سيزر کي 23 زخم لڳايا، مارڪ انتوني جيڪڏهن ٿورڙي جرئت جو مظاهرو ڪندي جوليس سيزر جي لاش تي بيهي سچ نه ڳالهائي ها ته اڄ بروٽس هيرو ۽ سيزر ولن هجي ها،12 مارچ تي پاڪستان جي سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ  ۾ وڌل ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ جڏهن اهو اعلان ڪيو ويو ته اڪثريتي اتحاد جو اميدوار يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ٿي ويا ۽ صادق سنجراڻي 6 ووٽن جي اڪثريت سان کٽي ويو ته آئون سوچي رهيو هئس ته گيلاني صاحب جا اصل ووٽ ته 51 هئا، ان جا ووٽ 42 ڪيئن رهجي ويا، سندس بروٽس ڪير آهي؟ چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ختم ٿي ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ٿي، هن ڀيري اڪثريتي اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري کي 44 ووٽ مليا ۽ سندس مقابلي ۾ بيٺل مرزا آفريدي جا ووٽ 54 نڪتا، ڪو به ووٽ رد نه ٿيو، جنهن جو مطلب هو ته اپوزيشن اتحاد جي 7 سينيٽرن مولانا حيدري سان بيوفائي ڪئي.آئون هڪ دفعو ٻيهر سوچڻ لڳس ته مولانا حيدري جا بروٽس ڪير ڪير آهن؟ پر افسوس ته سيڪريٽ بيلٽ سبب ڪنهن به بروٽس جو پتو لڳائڻ ممڪن نه هو، 3 مارچ تي ان ئي سيڪريٽ بيلٽ جي جادو سان يوسف رضا گيلاني کٽي ويو هو ۽ اڪثريتي اتحاد جو اميدوار حفيظ شيخ هارجي ويو هو، 3 مارچ تي يوسف رضا گيلاني جي فتح کي حق ۽ سچ جي فتح قرار ڏنو ويو ۽ 12 مارچ تي ان جي شڪست ڌانڌلي جو نتيجو قرار ڏني وئي، اپوزيشن گيلاني جا 7 ووٽ رد ڪرڻ وارو معاملو عدالت ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇو ته ان 7 ووٽن ۾ گيلاني جي نالي مٿان ٺپو هنيو ويو هو، خاني کان ٻاهر ٺپو نه لڳايو ويو هو، ڪجهه صاحبان علم ۽ دانش جو اهو خيال آهي ته 3 مارچ تي گيلاني کي کٽائي عمران خان کي جهٽڪو ڏنو ويو ۽ 12 مارچ تي گيلاني ئي هارائي اپوزيشن کي جهٽڪو ڏنو ويو. اسان جا صاحب علم و دانش هاڻي جهٽڪو ڏيندڙن جو نالو کڻڻ جي جرئت نٿا ڪن، ڇو ته سندن خيال ۾ عوام انتهائي سمجهدار آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ته اهڙا جهٽڪا اهي ئي ڏين ٿا، جيڪي سياسي پارٽين يا سياستدانن کي ٽوڙڻ جي صلاحيت رکن ٿا. پر هي ناچيز ان خيال سان اتفاق نٿو ڪري، 3 مارچ تي سينيٽ جي چونڊن ۾ حڪومت ۽ جهٽڪا ڏيندڙن حفيظ شيخ کي کٽرائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو، اپوزيشن جي 7 سينيٽرن کي ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ سمجهدار دوستن گيلاني صاحب جي نالي مٿان مهر هڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ انهن حڪم جي تعميل ڪئي، جنهن کي پرزائيڊنگ آفيسر مظفر حسين شاهه پنهنجي مرضي جو رنگ ڏنو ۽ 7 ووٽ رد ڪري ڇڏيا، هاڻي معاملو عدالت ۾ آهي، دعا ڪجو ته چيئرمين سينيٽ جي چونڊن کان هڪ رات اڳ پولنگ بوٿ ۾ لڳايل ڳجهين ڪئميرائن وارو معاملو پارليامينٽ جي اندر ئي حل ٿي وڃي، جيڪڏهن اهو معاملو حل نه ٿيو ته ڪيترن ئي ماڻهن مٿان الائي ڪيترو گند اڇلجڻ وارو آهي، صادق سنجراڻي لاءِ سينيٽ هلائڻ انتهائي ڏکيو ٿيندو، ڇو ته هو اقليت ۾ آهي، ائين ڪو کٽي هارائي ويو ۽ ڪو هاري به کٽي ويو، روم ۾ سينيٽ جي اجلاس ۾ جولس سيزر قتل ٿيو هو، ڪٿي اسان 12 مارچ تي سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ جمهوريت کي ئي ته قتل نه ڪري ڇڏيو آهي؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو