210

اسان جا نوجوان ڏينهن رات مسافرن جي رهنمائي ۽ خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهن: ڊي آءِ جي علي شير جکراڻي

 ڄامشورو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر) موٽر وي پوليس طرفان پنهنجي سماجي ۽ تفريحي سرگرمين کي جاري رکندي ايم نائين موٽر وي تي ڪاٺوڙ وٽ ميس نائيٽ جو اهتمام ڪيو ويو، سيڪٽر ڄامشورو سائوٿ زون طرفان موٽر وي جي جوانن لاءِ رٿيل تقريب ۾ ڊي آءِ جي موٽر وي سائوٿ زون علي شير جکراڻي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊي ايس پي موٽر وي زبير انور، ڊي ايس پي لياري ايڪسپريس وي اسرار علي، ڊي ايس پي ايم نائين موٽر وي ڪاٺوڙ نعيم غوري، ڊي ايس پي نوري آباد موٽر وي اشرف عباس، ڊي ايس پي مٽياري صدرالدين اين اي ڊي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر عدنان قادر، سوڌو موٽر وي جي آفيسرن، جوانن، ملازمن، مختلف  زندگي جي مختلف شعبن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي لوڪ فنڪار علڻ فقير جي پٽ فهيم علڻ مشهور لوڪ گيت ۽ ڪلام ڳائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي جڏهن ته مشهور ٽي وي ۽ فلمي دنيا جي مشهور مزاحيه اداڪار شهزاد رضا مزاحيا ٽوٽڪا ٻڌائي ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڊي آئي جي موٽر وي پوليس سائوٿ زون علي شير جکراڻي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته هن قسم جا پروگرام فيلڊ آفيسرن ۽ جوانن جي ذهني نشونما لاءِ ضروري آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته هن قسم جا پروگرام ٻين هنڌن تي به منعقد ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اسان جا نوجوان ڏينهن رات مسافرن جي رهنمائي ۽ خدمت ڪرڻ ۾ مصروف هجن ٿا، انهن جي ڀلائي ۽ ذهني نشوونما لاءِ ضروري آهي ته هن قسم جا پروگرام ٿين ته جيئن انهن جي مزاج ۽ روين ۾ شوخي بجاءِ وڌيڪ نرمي، شائستگي ۽ احساسيت پيدا ٿئي. هن قسم جي پروگرامن ۾ گڏجي ويهڻ ۽ ڪجهه وقت گڏجي گذارڻ سان سماجي تعلق وڌائڻ ۾ هٿي ملندي. جنهن جو اثر سڌو سنئون عوام تي پوندو. مهمان خاص جي خصوصي خطاب کان اڳ سيڪٽر ڪمانڊر ڄامشورو سيد فرحان احمد آجياڻي خطاب ۾ آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن قسم جا تفريحي پروگرام ڊي آئي جي موٽر وي پوليس سائوٿ زون علي شير جکراڻي جي هدايتن تي رٿيا پيا وڃن ته جيئن سڄو ڏينهن عوام جي خدمت ۾ مصروف عمل آفيسرن ۽ جوانن کي تفريح ۽ ذهني نشونما مهيا ڪري سگهجي. پروگرام ۾ شريڪ مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي روايت کي برقرار رکندي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا جڏهن ته ڊي آئي جي موٽر وي سائوٿ زون علي شير جکراڻي کي ڄامشورو سيڪٽر ڪمانڊر سيد فرحان يادگار شيلڊ پڻ پيش ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو