6

اسان جو اهو ئي مطالبو هو ته ڌر نه بڻجو:فضل الرحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام  جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اڄ عمران خان نئين موقف سان مارچ ڪري رهيو آهي،  هو اسان جو نقل ڪري رهيو آهي ۽ نقل ڪندڙن کان هوشيار رهڻ گهرجي، عمران خان ڪشمير کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ اها ئي ڳالهه پاڪستان جي حوالي سان به ڪئي، فوج اسان سڀني جي آهي ۽ اسان هميشه غير جانبداري جي ڳالهه ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. فضل الرحمان چيو ته ڪجهه شين کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ۽ پٽڙي تي آڻڻو آهي اهو مرحلو اسان کي طئي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام 14 ملين مارچ ڪيا، آزادي مارچ تاريخي مارچ هو جنهن کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ادارن به تسليم ڪيو ته عمران خان هي نظام هلائڻ لائق نه آهي، اسان جو ادارن کان مطالبو هو ته اوهان ڌر نه ٿيو. هن چيو ته اسان جو موقف اهو هو ته ڪو به قومي ادارو اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڌر نه ٿئي اڄ اسان جي موقف جي تائيد ڪئي پئي وڃي. اسٽيبلشمينٽ جو هڪ حصو اڃا به عمران خان کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ٽن چئن سالن ۾ تمام تيزي سان پوئتي آيو، پاڪستان جي معيشت انهن ٽن سالن ٻڙي ٿي وئي. هن چيو ته حڪومت جي معاشي ۽ سفارتي پاليسين ملڪ کي شديد نقصان پهچايو عوام لاءِ بجلي جا بل ۽ ٻارن جي اسڪول في جمع ڪرائڻ ڏکيو  ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو