191

بلاول ڀٽو جي شهباز شريف سان اهم ملاقات،اسان جون استعيفائون ايٽم بم آهن:بلاول ڀٽو

لاهور(م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسان جي استعيفيٰ ايٽم بم آهي، جنهن جي  استعمال جي حڪمت عملي پي ڊي ايم ٺاهيندي. اهڙو اظهار هن هتي ۾يڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان کان اڳ هن ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ هن سان سندس ماءُ بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ فاتح پڙهي، ان موقعي تي راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ قمر زمان ڪائره به موجود هئا. شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت جي ضد ۽ انا جي ڪري شهباز شريف کي جيل ۾ وڌو ويو آهي، نالائق ۽ نااهل حڪمرانن ۾ تنقيد سهڻ جي همت نه آهي خورشيد شاهه ۽ شهباز شريف ٻنهي کي ناجائز جي ۾ وڌو ويو آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي، حڪمرانن ۾ اهليت نه آهي جو حڪومت هلائي سگهن، عمران خان ٽويٽر تي وزير اعظم ٿيڻ  ۾ ئي خوش آهي، حڪومت هميشه چاهيو ته پنهنجي مخالفن کي جيل ۾ رکي، اِهو ئي سبب آهي جو ملڪ ترقي نه پيو ڪري. هن چيو ته  اسان جي استعيفيٰ ايٽم بم آهي، حڪمت عملي پي ڊي ايم ٺاهيندي. پي ڊي ايم ۾ ڏار نٿا پئجي سگهن، اسان اهڙي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم هڪ پيج تي آهي ۽ جمهوريت جي بحالي هڪ ئي مقصد آهي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ٿئي جيڪا عوام جي نمائنده هجي. هڪ سوال تي هن چيو ته جڏهن وزير اعظم ئي ڪٺ پتلي آهي ته پوءِ قومي ڳالهيون وري ڪهڙيون؟ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو آهي ته عمران خان وزير اعظم جي ناجائز ڪرسي ڇڏي ڏي، اسپيڪر ڳالهائڻ جي اجازت ئي نٿو ڏئي ته ڪهڙين قومي ڳالهين جي ڳالهه ٿي ڪئي وڃي؟ حڪمرانن جي لاءِ 31 جنوري تائين جي مهلت آهي. وزيراعظم کي مجبور ٿي پنهنجي ڪرسي ڇڏڻي پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو