اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم لاهور جلسي کانپوءِ بري ريت بي نقاب ٿي وئي آهي ۽ عوام سامهون سندن ڪوڙن بيانن جي حقيقت ظاهر ٿي چڪي آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ عمران خان پي ڊي ايم جلسي سوڌو ٻين قومي معاملن تي ويجهن اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪيا. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته استعيفائن واري معاملي تي پوري پي ڊي ايم پريشانيءَ جو شڪار آهي، جلسي ۾ مداخلت نه ڪرڻ وارو حڪومتي فيصلو صحيح هو، گلگت چونڊن ۽ جلسن ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ڊي ايم جا بيان پنهنجي اصليت وڃائي ويٺا آهن.
