227

اسحاق ڊار کي 3 سالن کان عوام جو ڏک ان کي پاڪستان نه آڻي سگهيو: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جاويد چوڌري کي انٽرويو ۾ اسحاق ڊار چوي ٿو ته هو صحت خطري ۾ وجهي پاڪستان جي عوام جي خاطر سياسي سرگرميون ڪري رهيو آهي، پر 3 سالن کان عوام جو ڏک ان کي پاڪستان نه آڻي سگهيو. هن چيو ته جڏهن اقتدار نه هجي ته دبئي يا لنڊن ۾، اقتدار کانسواءِ انهن کي پنهنجي ليڊر وانگر پاڪستان جي هوا راس نه ٿي اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو