209

اسرائيل جون ايران خلاف جنگي تياريون ۽ خطي ۾ امن جو سوال 

ليکڪ: طفيل مگسي

اڳوَڻو صدر ٽرمپ هجي يا نئون چونڊيل صدر جو بائيڊن. پر آمريڪا سامراج پنهنجي ڏاڍ،جبر ۽ ڏھڪاءَ وارين پاليسين کان ڪڏھن به پوئتي نه هٽيو آھي ۽ نه ئي هٽندو.ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي هٿ ۾ڪجهھ به ناهي ، جيئن اسرائيل چوي  تيئن ئي ٿيندو آهي ، آمريڪا ويجهڙائي ۾ جيڪي به جنگيون ڪيون آھن يا پابنديون مڙھيون آھن سي  سڀ اسرائيل جي چوڻ تي ڪيون آھن، ٽرمپ جي دور حڪومت ۾ به جيئن اسرائيل ٿي چاهيو تيئن ئي ٽرمپ پئي ڪيو.نئون چونڊجي آيل جو بائيڊن به اسرائيل جي اشاري تي ئي هلندو، ڪنهن کي اها غلط فهمي نه رهي ته جوبائيڊن جي اچڻ سان آمريڪا سوشلسٽ ڪيمپ ۾ داخل ٿي ويندو، جنهن جو تازو مثال اسرائيلي فوج جي سربراھ جو اهو بيان آهي  ته يهودي ملڪن ايران جي خلاف پنهنجي ڪاروائي جي لاءِ فوج کي مڪمل حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن، گڏ ئي هن اها به تنبيهه ڪئي ته تهران سان 2015ع جي جوهري معاهدي ۾ آمريڪا جي واپسي“سنگين“غلطي هوندي،اسرائيلي فوج جي سربراھ جو جوبائيڊن کي به اهو اشارو ڏنو آھي ته هو ڪنهن به قسم  جي خاص ڪري ايران سان سفارتي رابطن ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺي،آمريڪا بابت اسرائيلي فوجي سربراھ جا اهڙا بيان ڪڏھن ٻڌڻ ۾ نه آيا آھن،اسرائيلي فوج جي سربراھ تل ابيب يونيورسٽي جي انسيٽيوٽ آف نيشنل سيڪيورٽي اسٽڊيز کي خطاب ڪندي چيو ته 2015ع جي جوهري معاهدي ۾ واپسي يا ايستائين جو ڪجهھ ترميم سان گڏ اهڙو ڪو ٻيو معاهدو آپريشنل ۽ اسٽرٽيٽجڪ نقط نظر کان غلط ۽ خراب هوندو،اڳوڻي امريڪي صدر ٽرمپ ايران سان 2015 ع جي جوهري معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ تهران تي ڪجهھ پابنديون لڳائي ڇڏيون هيون اسرائيل 2018ع ۾ ٽرمپ انتظاميا جي ٺاهه کان دستبرداري جي فيصلي جي آجيان ڪئي هئي،جڏھن نئين چونڊيل امريڪي صدر جو بائيڊن ايران سان جوهري معاهدي کي بحال ڪرڻ جو اشارو ڏنو ته اسرائيل ان جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته ان معاهدي ۾ ايران کي جوهري هٿيار تيار ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ حفاظتي قدم شامل ناهن، آمريڪا جي نئين پرڏيهي وزير انٽوني بنڪن گذريل ڏينهن چيو هو ته آمريڪا کي اڃا ان قسم جي فيصلي ڪرڻ ۾ دير لڳي سگهي ٿي، هو معاهدي َ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه ۽ ان کان پهرين ڏسڻ جي ضرورت پوندي ته ايران معاهدي جي حقيقت ۾ ڪيتري پاسداري ڪري رهيو آھي، تهران تي بار بار اهي الزام مڙھيا ويندا رهيا آھن ته هن يورينيم رچاءَ جو وڏو ذخيرو ڪري رکيو آھي، يورينيم کي وڌيڪ بهتر ۽ معياري طور تي وڌائي رهيو آھي.۽ سينٽري فيوجز لڳائي رهيو آھي،اسرائيلي فوج جي سربراھ جو اهو به چوڻ آھي ته اهو درست آھي ته ان منصوبي تي عمل جو فيصلو سياسي قيادت ڪندي پر اسان کي اهڙا منصوبا تيار رکڻ جي ضرورت آھي،اسان انهن منصوبن کي تيار ڪري رهيا آھيون ۽ اچڻ وارن سالن ۾ اهي تيار ٿي ويندا جڏھن ته ايران پنهنجي فوجي مشق ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آھي، جنهن جي نار جي ملڪ عمان ۾ هلندڙ مهيني بحري مشق ٿيندي،جنهن ۾ ڪروز ميزائي فائر ڪرڻ پڻ شامل آھن،جيڪڏھن اسرائيل واقعي پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو ۽ ھن ايران تي حملو ڪيو ته نه صرف اوڀر جي خطي ۾حالتون بگڙجي وينديون بلڪ ٻين هنڌن  تي به انهن جا اثر پوڻ اڻٽر ٿي سگهن ٿا، ان ڪري عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ھن خطي کي جنگ جي تباهي کان بچائي. جيڪڏهن دنيا اسرائيل جي ارهه زورائي تي اکيون ٻوٽي ويهي رهي ۽ ڏاڍي آڏو ڪنڌ کڻڻ جي جرئت نه ڪئي ته ٿي سگهي ٿو ته دنيا وري هڪ نئين عالمي جنگ ۾ ڦاسي پوي ۽ هِن وقت جيڪڏهن ٽئين عالمي جنگ لڳي ته اُها گذريل ٻن جنگن کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي، ڇو ته هِن وقت سمورا ملڪ ائٽم جي ڍير تي ويٺل آهن ۽ جنگ لڳڻ جي صورت ۾ منٽن ۾ ڪروڙين ماڻهو حياتيون وڃائي ويهندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو