163

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي انتظاميا جي ڪارروائي، گم ٿيل ٻارڙا هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم تي انتظاميا ڪارروائي ڪندي جبري پورهيي لاءِ گم ڪيل ٻارڙا بازياب ڪرائي ورتا آهن. رپورٽن مطابق اسلام آباد انتظاميا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي هدايت تي سخت ڪارروائي ڪندي سرن جي بٺن تي جبري پورهيي لاءِ گم ڪيل سمورن ٻارڙن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس مطابق جبري پورهيي لاءِ گم ڪيل ٻارڙن کي ٿاڻي نون جي حد مان بازياب ڪرايو آهي، بٺي مالڪ جي گرفتاري کانپوءِ ٻارڙن جي بازيابي عمل ۾ آئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو