211

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن نون ايڊيشنل ججن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن نون ايڊيشنل ججن جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار حلف کڻي ورتو آهي. رپورٽن مطابق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن نون ايڊيشنل ججن پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي، حلف کڻندڙن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار شامل آهن. جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار کان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حلف کڻايو، ٻنهي ججن کي هڪ سال لاءِ ايڊيشنل جج مقرر ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو