اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب انڪوائري هيٺ ايندڙن جا بئنڪ اڪائونٽ روڪڻ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاِ ڪورٽ حڪ شهري بلال شيخ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن ۾ ان نيب جي انڪوائري دوران قلم 23 هيٺ بئنڪ اڪائونٽ جو استعمال روڪڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته نيب انڪوائري يا انويسٽيگيشن جلد مڪمل ڪري، سالن تائين اڪائونٽ روڪڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. جانچ ڪندڙ ايجنسيءَ جي پنهنجي دير جي ڪري ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي اڪائونٽ جي استعمال کان ڪيئن ٿو روڪي سگهجي.
105