59

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي، عدالت سرينڊر نه ڪرڻ تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي، عدالت سرينڊر نه ڪرڻ تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي  اشتهاري ڏوهاري  قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ريفرنس ۽ ايون فيلڊ ريفرنس  ۾ نواز شريف جي اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ جوڙيل 2 رڪني بينچ ڪئي، ايڊيشنل جنرل طارق کوکر عدالت سامهون پيش ٿيو،  نواز شريف کي لنڊن واري رهائشگاهه تي لڳايل اشتهار ۽ رائل ميل جي ذريعي موڪليل رسيدون به عدالت ۾ پيش ڪيون ويون، گهرو وزارت جو آفيسر مبشر خان پڻ بيان رڪارڊ  ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيو، بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان اڳ مبشر خان کان  ڊپٽي اٽارني جنرل سيد طيب شاهه حلف ورتو ۽ نواز شريف کي عدالت طلب ڪرڻ واري اشتهار جي تعميلات ڪرائڻ بابت دستاويز به عدالت جي سامهون پيش ڪيا.  عدالت ريمارڪس ڏيندي نواز شريف کي اشتهاري ڏيڻ جو فيصلو ڏيندي حڪم ڪيو ته العزيزيه ريفرنس ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏنو وڃي نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ متعلق لکت ۾ حڪم به جاري ڪيو ويندو، عدالت ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو