187

اسلام آباد ۾اڄ حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس: اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)حڪومت مخالف پارٽي تي ٻڌل حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ( پي ڊي ايم) ۾ شامل پارٽين جي سربراهن جو هڪ اهم اجلاس اڄ هتي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿي رهيا آهن، اجلاس ۾ ملڪي صورتحال ۽ حڪمرانن خلاف جاري تحريڪ جي  ڪارگذاري سوڌو اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي داخل ڪيسن، تشدد ۽ ٻين مامرن تي ڳالهايو ويندو، ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم جي اڳواڻن قمر الزمان قائره اجلاس جي تصديق ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران ان کي گهر اماڻڻ لاءِ استعيفائون ڏيڻيون پيون تڏهن به ڏينداسين. هوڏانهن آصف خواجا جو چوڻ آهي ته اي پي سي ۾ طئي ٿيو هو ته حڪومت مخالف  تحريڪ جي عروج تي پهچڻ کانپوءِ استعيفائون ڏنيون وينديون، اهڙو فيصلو ٿيو ته قوم کي جلد خوشخبري ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو