اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مڇ سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي بخش نه ڪبو، کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم جي هدايت تي ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، خبر ناهي وزيراعظم ڪوئيٽا ايندو يا نه، متاثرن جا 8 مان 7 مطالبا مڃي ورتا آهن، کين سمجهڻ گهرجي ته هي عالمي سازش آهي، ڪنڊڪڙڇ ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڪافي دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو آهي، هن واقعي ۾ جيڪي به ملوث آهن تن کي بخش نه ڪيو ويندو، کين سخت سزا ڏني ويندي. پي ڊي ايم ڌرڻي بابت سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ احتجاج مخالف ڌر جو جمهوري حق آهي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو اچن ٿا ته کين اچڻ ڏنو وڃي، ڪوبه مسئلو پيش نه اچي ته قانون به حرڪت ۾ نه ايندو، جيڪڏهن اهي اچي رهيا آهن ته مان اهو ئي ڪري سگهان ٿو ته کين رستي ۾ رڪاوٽ پيش نه اچي.
