60

اسلام ڪوٽ ڀرسان وڌيڪ 15 مور مري ويا، انتظاميه اک نه پٽي

اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪيهڙي ۾ ٿر جي خوبصورت مور پکين ۾ پکڙيل راڻي کيت بيماري وڌيڪ تيزي سان پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب ڄاڻايل ڳوٺ ۽ آسپاس وڌيڪ 15 مورن ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو، هفتي اندر مئل مورن جو تعداد وڌي سؤ ٿي ويو آهي، جڏهن ته 50 مور هن وقت به اکين جي نور کان محروم آهن، اکين ۾ مورن کي ڳوڙهيون ٿيڻ ۽ نظر ختم ٿيڻ بعد مور جهنگ ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي رهيا آهن، جنهن سبب نور کان محروم مورن کي جهنگلي ڪُتا ٻلا ۽ جانور کائي ماري رهيا آهن، پر ڳوٺاڻن جي بار بار دانهن ڪوڪن جي باوجود وائلڊلائف کاتي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب مورن جو نسل خطري ۾ پئجي ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ابراهيم بلوچ، شنڪر سانگي، قيمت راءِ، ديوان ميگهواڙ ۽ ٻين چيو آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ روزاني پندرنهن کان ويھ مور مري رهيا آهن، هفتي ۾ سئو مور مري ويا آهن، پنجاھ کان وڌيڪ مور هن وقت به بيمار آهن، بيمار مورن کي ڪُتا ۽ ٻلا ماري کائي رهيا آهن، وائلڊلائف کاتي وارا دانهن نه ٿا ٻُڌن، مورن جو نسل ختم ٿي رهيو آهي، نوٽيس وٺي نسل بچايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو